ڌاڙيلن مغوي اهلڪار کي وڻ ۾ ابتو ٽنگي ڇڏيو، تشدد، وڊيو وائرل

جُولاءِ 12, 2023

بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ويجهو  گُبلو ٿاڻي جي حد ڳاڙهي موري وٽان 20 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پشاور واسي ايف سي اهلڪار خالد پٺاڻ بازياب نه ٿي سگهيو

 ڌاڙيلن اهلڪار کي زنجيرن ۾ جڪڙي وڻ ۾ اونڌو ٽنگي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

 وڊيو ۾ ڌاڙيل اهلڪار کي لٺين سان سخت تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن، تشدد دوران اهلڪار ايس ايس پي ڪشمور ۽ پوليس کي اپيل ڪري رهيو آهي ته کيس بازياب ڪرايو وڃي

 ڌاڙيل مون تي روزانو بيرحماڻو تشدد ڪن ٿا، واضح رهي ته ڌاڙيلن 20 ڏينهن اڳ ڳاڙهي موري جي ڪچي مان پي پي ايل گيس فيلڊ جي کوهه تان اهلڪار  کي اغوا ڪيو هو

Leave A Comment