ڌاڙيلن هندن کي ڌمڪيون ڏئي رياست کي چيلنج ڪيو، ڪچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو

جُولاءِ 27, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ مختلف پارٽين جي ميمبرن سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ جي هندن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڌاڙيلن جو عمل آئين ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ قرار ڏنو ويو

گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ بلوچستان مان چونڊيل سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته سنڌ جي ڌاڙيلن سنڌ جي هندن کي ڌمڪي ڏني آهي ته انهن کي نقصان پهچايو ويندو، سنڌ جي هندن کي ڀارت لڏائينداسين، ميان مٺو به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

هن چيو ته چيو وڃي ٿو ته سيما حيدر کي هندو بازياب ڪرائين نه ته انهن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويندي، اهڙين ڌمڪين کان پوءِ سنڌ جا هندو پنهنجي عبادتگاهن ۾ به نه پيا وڃي سگهن، ڌمڪين جي ڪو مذمت به نه ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي هي ايوان هدايت ڪري ته اهڙيون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

ن ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر کيئل داس ڪوهستاني چيو ته دنيش ڪمار جي موقف جي تائيد ڪيان ٿو، اقليتن جا به باقي شهرين وانگر برابر جا حق آهن، ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي جو سبب ٿي رهيا آهن اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، پاڪستان نه ڇڏينداسين

هن چيو ته 5 هزار سالن کان آباد آهيون، ڌاڙيلن خلاف فوج ذريعي ڪچي ۾ آپريشن ڪرايو وڃي، نواز شريف سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو هو هاڻي ڇو نه ٿو ٿي سگهي

 جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته آئين تحت سڀني شهرين جا برابري جي بنياد تي حق آهن، سنڌ ۾ هندن کي نه پر آئين کي ڌمڪي ڏني وئي آهي، اهي ڌمڪيون رياست جي رٽ کي چيلينج ڪري رهيون آهن

هن چيو ته سنڌ جي ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ڇا اهي ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو رياست جي رٽ کي چيلينج ڪري رهيا آهن، ڪير به مندرن تي حملو نه ٿو ڪري سگهي، اسان هندو، سک برادري جي اقليت سان گڏ آهيون، انهن جي حقن جو دفاع ڪنداسين

غوث بخش خان مهر چيو ته ماڻهو چون ٿا ته 58ع تائين جو دور هن دور کان بهتر هو، بدامني جي صورتحال اها آهي ته گهرن کان نه ٿا نڪري سگهون، امن امان تمام گهڻو خراب ٿي چڪو آهي

Leave A Comment