مغوي بازياب ڪرايو: آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ آپريشن لاءِ 425 اهلڪار اماڻي ڇڏيا

جُولاءِ 3, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي کوسو) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري مغوي بازياب ڪرائڻ لاءِ مختلف ضلعن مان 425 اهلڪار اماڻي ڏنا آهن

مختلف ضلعن مان ايندڙ 425 اهلڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندا، نوشهرو فيروز ضلعي مان 75 پوليس اهلڪار موڪليا ويا آهن

مختلف ضلعن مان 350 اهلڪارن کي به ڪچي ۾ آپريشن لاءِ موڪليو پيو وڃي، ڪل  425 پوليس اهلڪارن ۾ 2 ايس ايڇ اوز ۽ 2 ڊي ايس پيز، 3 اي ايس آءِ به شامل آهن

ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن ۾ حصو وٺندڙ 425 اهلڪارن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي جيڪي مختلف ضلعن کان ڪنڌڪوٽ پهچي رهيا آهن، اتان کانپوءِ اهي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندا

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار