ڌاڙيلن ٽيڪنالاجي، واپار ۽ عورتاڻي آواز بعد تعويذن جو طريقو به اختيار ڪري ورتو، ڪچي ۾ 30 ماڻهو باندي بڻايل

جُولاءِ 15, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي ۾ 30 کان وڌيڪ مغوي ڌاڙيلن وٽ باندي بڻايل، هڪ عورت ۽ ٻارڙا به شامل، ڪيترائي ڀنگ ڀري آزاد ٿي چڪا آهن

72 ڪلوميٽر ڪچي جي زمين تي پوري ملڪ مان هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اغوا ٿي پهچن ٿا، ڌاڙيلن پاران ماڻهن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي، شادي بهاني، چوپائي مال جي واپار، گاڏين جي سودي، تعويذ ڏيڻ سوڌو مختلف بهانن سان ماڻهن کي گهرائي اغوا ڪيو ٿو وڃي

ڌاڙيل مغوين جون وڊيوز ٺاهي وارثن کي موڪلن ٿا ۽ لکين رپيا ڀنگ گهرن ٿا، هن وقت تائين 30 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن، جن ۾ ٻارڙن سوڌو عورت پڻ شامل آهي

ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا اغوا ٿيل معصوم ٻار عظيم ميڻڪ، فرحان سومرو، صداقت حاجاڻو، معصوم ٻارڙو جئديپ ڪمار، جڳديش ڪمار، معصوم نينگري ڪوثر کوسو، عورت نازيا کوسو، احسان شيخ، مقبول ميراڻي، ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل تي ڪم ڪندڙ 2 ملازم جمشيد، مظهر، شفيق، پي پي ايل گئس فيلڊ کوهه تي سڪيورٽي ڏيندڙ ايف سي اهلڪار خالد خان سميت 30 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن

مغوين جي آزادي لاءِ شهر ۾ لاڳيتو احتجاجي مظاهرا به ٿيندا رهيا آهن، مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي، پوليس مغوين جي وارثن کي دلاسا ڏيندي رهي ٿي

Leave A Comment