Home » ڌاڙيل به پنهنجا، باٿ روم وڃڻ تي سياسي مداخلت: پوليس ۽ وڏيرن بابت تبصرا
ڌاڙيل به پنهنجا، باٿ روم وڃڻ تي سياسي مداخلت: پوليس ۽ وڏيرن بابت تبصرا
جُولاءِ 2, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ڪشمور دوري کانپوءِ جتي سنجيده بحث شروع ٿي ويو آهي اتي دلچسپ تبصرا به ٿي رهيا آهن، خاص طور شبير بجاراڻي سان ملاقات بابت تبصرا ٿي رهيا آهن
نعمت الله خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ جي سنڌ رسمي ڳالهيون ڪرڻ بعد موٽي ويو، آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعو هر طرح سان قرباني ڏئي رهيو آھي
آءِ جي جو چوڻ هو ته گهوٽڪي پوليس شھادتون ڏئي ضلعي ۾ امن امان کي بهتر بڻايو آھي، وڏيرا پوليس جي معاملن ۾ مداخلت ڪن ٿا ته ان جي باري ۾ مون کي ڪا ڄاڻ اڃا تائين نه آهي
اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مرليڌر مٽلاڻي لکيو ته آءِ جي صاحب ڇا اوھان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نٿا رھو جو ھتي باٿ روم ۾ وڃڻ جي لاءِ به سياسي مداخلت ٿيندي آھي
منير احمد قادري لکيو ته پوليس شھري عوام سان واقعي مقابلو ڪندي، ماڻهن تي 27-27ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪندي، باقي ڌاڙيل ڪچي ۾ آهن انھن ڏي وڃڻ واري وڏي ڳالھه ڪير به نه ڪري
هڪ ٻي پوسٽ تي وفا امجد لکيو ته ڪچي ۾ فوجي آپريشن نه ٿيندو نه ئي ڌاڙيل ختم ڪنداسين اسان جا پنهنجا مفاد آهن، اليڪشن ويجهو آهي، اليڪشن به کٽڻي آهي رڳو عوام عزيز ناهي، ڌاڙيل به پنهنجا آهن، ڪشمور جي چونڊيل نمائندن جي اهڙي سوچ آهي