ڌاڙيل تنوير انڍڙ گرفتار يا مارجي ويو؟ مختلف سوال اڀري آيا

ڌاڙيل تنوير انڍڙ گرفتار يا مارجي ويو؟ مختلف سوال اڀري آيا

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) بدنام ڌاڙيل تنوير انڍڙ زخمي يا گرفتار ٿيو آهي يا مارجي ويو آهي؟ مختلف سوال اڀري آيا، ان ڏس ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار طرفان پريس ڪانفرنس ۾ ڌاڙيل تنوير انڍڙ کي نيوٽرلائيزڊ ڪرڻ واري  دعويٰ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. چيٽ جي پي ٽي موجب سيڪيورٽي ادارن جي ٻولي ۾ نيوٽرلائيزڊ ڪرڻ  جو مطلب مارجي وڃڻ آهي، جڏهن ته قانوني ۽ سفارتي ٻولي ۾ نيوٽرلائيزڊ ڪرڻ جو مطلب گرفتار ڪرڻ يا وري سخت زخمي ڪرڻ آهي. پنهنجي اخبار طرفان سنڌ پوليس جي ترجمان سعد علي کي تصديق لاءِ ميسيج ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته نيوٽرلائيزڊ جو مطلب ماري ڇڏڻ آهي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ  واٽس ايپ تي ڪيل ميسيج جو ڪو به جواب نه ڏنو. پنهنجي اخبار  جي نمائندي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ مصروف هڪ پوليس آفيسر کان پڇيو ته تنوير انڍڙ زخمي ٿيو آهي، گرفتار ٿيو آهي يا مارجي ويو آهي؟ جنهن تي انهي  آفيسر ٻڌايو ته تنوير انڍڙ گرفتار ناهي ٿيو، سندس مارجي وڃڻ جون خبرون بي بنياد آهن، انڍڙ جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع به ناهن