ڌاڙيل ماري ڇڏيندا، 5 ڪروڙ ڏئي جان ڇڏايو:مکي جگديش جي وڊيو وائرل

جُولاءِ 31, 2023

بخشاپور (رپورٽر)  بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل بڊاڻي واسي مکي جگديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو

 ڌاڙيلن پاران مکي جگديش ڪمار جي تشدد ڪرڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي

وڊيو ۾ زنجيرن سان جڪڙيل مغوي جگديش ڪمار مٿان ڌاڙيل سخت تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن، مغوي تشدد دوران چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل مون مٿان ڏيڍ مهيني کان سخت تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن

مغوي جگديش ڪمار چوي ٿو ته ڌاڙيلن کي پنج ڪروڙ ٻن ڏينهن ۾ ڏئي مونکي آزاد ڪرايو وڃي نه ته ڌاڙيل مونکي ماري ڇڏيندا

جگديش ڪمار چيو آهي ته ڌاڙيل روز تشدد جو نشانو بڻائين ٿا، مون کي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرايو وڃي، هن ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کي به بازيابيءَ لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي

ڏيڍ مهينو اڳ مکي جگديش ڪمار ۽ ٻالڪ جئديپ ڪمار کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن سميت ضلعي جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ هندو برادري طرفان سخت احتجاج ڪيا ويا پر مغوي کي پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي آهي، تشدد واري ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد هندو برادري ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي آهي، وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو آهي

Leave A Comment