ڌاڙيل گبر سنگهه 12ڊسمبر تي مرندو؟ بلاڪ بسٽر ‘شعلي’  اصل پڄاڻي سان رليز ڪرڻ جو اعلان

ڌاڙيل گبر سنگهه 12ڊسمبر تي مرندو؟ بلاڪ بسٽر ‘شعلي’  اصل پڄاڻي سان رليز ڪرڻ جو اعلان

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) 50 سال اڳ کڙڪي توڙ بزنس ڪندڙ بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ‘شعلي’ 12ڊسمبر تي اصلي پڄاڻي سان ٻيهر رليز  ٿيندي، 1975 ۾ رليز ٿيل فلم ‘شعلي’ کي هندستان جي سڀ کان ڪامياب فلم سمجهيو ويندو آهي، جنهن جا جاندار ڊائلاگ اڄ به فلمي مداحن جي زبان تي آهن.  ڊائريڪٽر رميش سپي جي انهي فلم جي اسٽار ڪاسٽ ۾ ڌرميندر، اميتاڀ بچن، امجد خان، سنجيو ڪمار، هيما مالني ۽ جيا بچن شامل هئا. اها فلم ‘شعلي’ 12 ڊسمبر تي نئين پڄاڻي سان سينما گهرن ۾ ٻيهر رليز ڪئي ويندي، ڀارتي ميڊيا موجب ماضي ۾ هدايتڪار رميش سپي کي سينسرشپ جي مجبوري سبب فلم جي پڄاڻي کي تبديل ڪرڻو پيو هو. فلم کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي، هدايتڪار رميش سپي اعلان ڪيو آهي ته فلم ڏسندڙن کي شعلي فلم جي اصل پڄاڻي ڏسڻ جو موقعو ملندو، جيڪو ‘شعلي’ کي وڌيڪ تاريخي بڻائيندو. 50سال اڳ رليز ٿيل فلم شلعي ٺاڪر جو ڪردار ادا ڪندڙ  سنجيو ڪمار ڌاڙيل گبر سنگهه ( امجد خان ) کي پوليس حوالي ڪري ٿو.

شعلي جي  اصل پڄاڻي ڇو تبديل  ٿي ؟

شعلي جي هدايتڪار رميش سپي چيو ته سينسر بورڊ جي سختي سبب  رليز کان ٿورو اڳ فلم جي پڄاڻي ٻيهر شوٽ ڪرڻي پئي، سال 1975۾ تڏهوڪي  وزيراعظم اندرا گانڌي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي. ان وقت اظهار جي آزادي تي پابنديون، سياسي مخالفن جون گرفتاريون ۽ ميڊيا تي سخت سينسرشپ شامل هئي. رميش سپي موجب فلم جي اصل پڄاڻي ‘تمام گهڻي تشدد واري’  هئي“ اصل ۾ ٺاڪر ڌاڙيل گبر سنگهه کي پڪڙجڻ  کانپوءِ ڪوڪا لڳل جوتن سان  لتاڙي ماري ٿو، ملڪ ۾ ايمرجنسي ۽ سينسر بورڊ جي سختي  سبب اصل پڄاڻي کي تبديل ڪري گبر سنگهه کي جيئرو  پوليس حوالي ڪرڻ جو منظر ڏيکاريو وڃي ٿو.