ڌرتي جا وارث بدامني سبب وطن ڇڏڻ تي مجبور، 10 هندو خاندان سنڌ ڇڏي انڊيا روانا، وڌيڪ 100 خاندان وڃڻ لاءِ تيار

جُون 28, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي) ڌرتي جا وارث بدامني سبب وطن ڇڏڻ تي مجبور، 10 هندو خاندان سنڌ ڇڏي انڊيا روانا، وڌيڪ 100 ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار آهن

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني ۽ اغوا وارداتن کان تنگ ٿي ڪنڌڪوٽ مان ھندو برادري جا 10 گهر ڪشمور  ڪنڌڪوٽ ضلعي کي الوداع ڪري انڊايا روانا ٿي ويا

مڪيش ڪمار ۽ دليپ ڪمار چيو آهي ته اسان سنڌ جنم ڀومي ڇڏڻ نه ٿا چاھيون پر اسان کي مجبور ڪيو ويو آهي، اغوا، ڦر ۽ زيادتيون برداشت نه ٿيون ٿين

جڏهن ته ضلعي کي ڇڏي وڃڻ لاءِ پاسپورٽ آفيس ۾ 100 کان وڌيڪ هندو خاندانن انڊيا روانگي لاءِ پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

Leave A Comment