تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڌرتي ماءُ جي دانهن … ترجمو:زبير ماڇي

پِيارا انسانو!
آئُون توھان جِي ماءُ، ڌرتي. مُنھنجا پاڙيسِري، جھڙوڪ زھرہ سيارو، مريخ، مشتري، زحل تارو ۽ عطارد، چوَن ٿا ته مان نوازيل ۽ خُوشحال آھيان. مان خوشحال آھيان ڇاڪاڻ ته مان ھڪ اھڙي شي جو گھر آھيان جنھن کي تاڪِيد جِي ڪا بِه ضرورت نَه آھي. اُھا آھي زندگي. مان مختلف قِسمن جي جانوَرن ۽ ٻُوٽن جو گھر آھيان. مان مَھا ساگَرن، وَڏن سَمنڊن، اُڀَن جبلن، وَسيع ميدانن، سرسبز ساون ٻيلن ۽ طاقتور برفاني جبلن سان نوازيل آھيان. پر سڀني کان مٿي، اُھي توھان آھيو, انساني مخلوق {Homo Sapiens}, جنھن تي مان ناز ڪندِي آھِيان. مان اوھان تي فَخر ڪَندِي ھُيَس جَڏھن توھان غارِن ۾ زندَگي گُزاريندا ھُيا، اوھان پَنھنجي چوڌارِي ھرِ شي جو تَحفظ ۽ خيال رَکندا ھُيا، پوءِ ڀَلي اُھي جانوَر، ٻُوٽا، جَبَل وَغيرھ ھُجن. تَوھان پَنھنجي چوڌاري ھَر ھڪ شي جي سَنڀال ڪَئي ڇاڪاڻ تَه اوھان ڄاڻيندا ھُيا ته ننڍڙي ۾ ننڍڙي ٽِنڊڻ کي مارڻ سان بِه اوھان مٿان سَخت اثَر پَوندو. وڏي افسوس سان، جَڏھن توھان وَڌَڻ وِيجھڻ شروع ڪيو، تَه ھر شي مَٽجي وئي. تَوھان لالچ ۾، اَھڙا اوزارَ ٺاھڻ شُروع ڪيا جيڪي وَڏن طاقتوَر راڪاسَن کي جَڏو بڻائي خاڪ ڪري سَگھن. توھان ھَئڊروجَن بَم ۽ اَئٽم بم تيار ڪَيا، اُھو نه ڄاڻندي ته اُھي اَوھان جي پنھنجي زندگيءَ لاءِ ڪيڏا نه موتمار آھِن. ھاڻ توھان ايترا ته ڳَرا ٿِي چڪا آھيو جو مان توھان جي ڪري تَڪليف کڻي رھي آھيان. تَوھان جي ھٿان لَکن جي تعداد ۾ ٻُوٽن ۽ جانورن کي وڏي پئماني تي مُقابلن سان مُنھن ڏيڻو پيو آھي. تَوھان پاڻِيءَ ۾ اھڙا زَھريلا مادا وَسايا جنھن گھاٽَن ٻيلن کي وِيران ريگستانن ۾ بَدلائي ڇَڏيو ۽ کوڙَ ساريون خطرناڪ گَئسون ھَوا ۾ مِلايُون جيڪو مُنھنجي پَنھنجي جياپي لاء مُشڪل ٿي پِيو آھي. ھاڻي جَڏھن مان پَنھنجي اندر ۾ جھاتِي پائي ڏِسان ٿي ت مُونکي سَڀ ڏُک، غم، تَڪليف، سُور ۽ بي خبري ائِي ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
تَوھان کي پَنھنجي پاڻَ تي ايترو غُرور ڇو آھي، جَڏھن ت سڀ بيڪار شيُون تَوھان جي ڪري ٿِي رھيون آھِن؟ مان توھان کي گَھڻا دَفعا مِينھَن، طُوفانن، جبلن جي ڇِپن جو ڪِرڻ، آنڌيُن، واچوڙن جھڙيِن خطرناڪ آفَتن جي نموني ۾ خبردار ڪري چُڪي آھيان تَ جيئن اوھان پَنھنجي غلط عَملن تي ظابطو آڻيو، پر سَڀ ڪجھ اجايو ويو آ. تَوھان ڇو نٿا سَمجھو ت بَرفاني جبلن جي ڳَرڻ {Glacial Melting} سان پيدا ٿيندڙ وَڏو سيلاب توھان تي اَثَر انداز ٿئي ٿو؟ تَوھان اُھا ڳالھ پَنھنجي دماغَ ۾ ڇو نٿا آڻيو ت ٻيلَن کي ڪَٽڻ سان خُشڪ سالِي ۽ وڏو ڏُڪار ايندو آھي جيڪو اوھان لاء موتِمار ثابِت ٿئي ٿو؟ تَوھان ڇو نَٿا سمجھو ت خَطرناڪ گَئسون نَ فقط نِڙِيءَ جي بيماري {Bronchitis} ڪن ٿِيون، پر اُھي سِج جي تيز ڪِرڻن {Ultra violate Radiations} جي مِقدار کي پُڻ وڌائن ٿيون جيڪي اَوھان لاء انتھائي خطرناڪ آھن؟ جيڪَڏھن چوڌارِي ھر شي اَوھان لاءِ مُصيبت بَڻجي پئي آھي تَ پنھنجي عملن کي بَند ڇو نٿا ڪيو؟ ڇو تَوھان مون مٿان موجود سمُورِي زندگيءَ {جاندارن} کي تباھ ڪرڻ چاھيو ٿا؟ مان مايُوس ٿيان ٿِي جَڏھن آئُون فَرياد ٻُڌان ٿي اھڙين زالِن جي جيڪي پَنھنجن مُڙسن، مائرن جي جيڪي پَنھنجَن پُٽن، ڀيڻِن جي جيڪي پَنھنجن ڀائُرن کي قَيامت جھڙين جَنگيُن، حادثَن ۽ موتمار واقِعن ۾ وِڃائي ويھَن ٿِيون. مان تَمام گَھڻو ڏُک مَحسوس ڪيان ٿي جَڏھن مان فَرياد ٻُڌان ٿي اَھڙن نوجوانن جيِ جيڪي ڏِينھن رات مِحنت ڪن ٿا جَڏھن ت وَڏا {Adults} سَندن پيدا ڪَيل مِحنتن ۽ قُربانين جي ميوَن کي تَباھ ڪري ڇَڏيِن ٿا.
ھاڻي توھان اھڙي زندگي گُزاري رَھيا آھِيو جِتي بي اِنتظامي، دَھشتگردِي ۽ وَڳوڙَ اڃا موجود آھي. عالَمي اَمُن ھڪ ڏُورانھُون خواب لَڳو پيو آھي ڇو تَ امُن قائم ڪرڻ ھڪ ڊِگھو سفر آھي پَر ناممڪن نَ آھي. پَنھنجي پاڻ کي ھڪَ ماءُ تَسليم ڪندي، مان پَنھنجي ٻَچن جو ڀَلو چاھِيان ٿي. مان چاھيان ٿي تَ امن ۽ مُحبت جِي ھوا جو جُھوٽو ھَرھنڌ لَڳي. لَفظ ”اَمُن“ مُنھنجي ٻارَن جي گَڏجي ڪم ڪرڻَ ۽ ساٿَ يا ٻَڌيءَ بغير ناممڪن ٿي پَوندو. مان ھِڪَ اھڙي دُنيا جي خُواھش رکان ٿي جِتي ھِڪ پَکي خُوشيءَ مان انسانَ سان رھي، رِڍَ جو ٻچو شِينھن سان ۽ چِيتا انسانَن سان گڏ رَھن. مان ھڪ اَھڙي بااَمن دُنيا ڏِسڻ جي خُواھش رَکان ٿي جتي نَ روڄ راڙو ھجي، ن جَنگيون، ن دَھشتگردي، ن دَوائن جو غلط استعمال ۽ نَ ئي ٻارَن کان مزدُوري ڪرائي ويندي ھُجي ۽ جتي ھَر زندگي قابِل احترام ھُجي. پَنھنجي اِختلافَن کي وِساري، ڇو تَوھان امُنَ ۽ مُحبت ۾ رَھڻ نٿا چاھِيو؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *