ڌرميندر ڪروڙن جي زمين اولاد بجاءِ سئوٽ کي ڏئي ڇڏي

ڌرميندر ڪروڙن جي زمين اولاد بجاءِ سئوٽ کي ڏئي ڇڏي

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ ڌرميندر پنجاب جي ضلعي لڌيانا ۾ پنهنجي 5 ڪروڙن جي ماليت جي زمين پنهنجن 2 پٽن ۽ 2 ڌيئرن بجاءِ پنهنجي سوٽ کي ڏئي ڇڏي، ڌرميندر کي پنهنجي پيءُ جي نوڪري ۽ فلمي ڪيريئر سبب لڌيانا کان 25 ڪلوميٽر پري واقع ڊانگون ڳوٺ ڇڏڻو پيو، سندس ٻيا مائٽ ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. ڌرميندر 10سال اڳ پنهنجي 19 ڪنال ۽ 3مرلا اباڻي زمين پنهنجي ڪزن کي منتقل ڪئي هئي، ڌرميندر جي ڀائٽي بوٽا سنگهه ديول ٻڌايو ته چاچا ڌرميندر 2016 ۾ ڳوٺ جي دوري دوران منهنجي پيءُ منجيت سنگهه ۽ منهنجي چاچي شنگارا سنگهه کي اها زمين عطيو ڪئي هئي.