| ڌريندر بعد رنوير ۽ ديپڪا جي پهرين تصوير وائرل |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي پروپئگنڊا فلم ‘ڌرندر’ جي سيڪوئل جي ڪاميابي کانپوءِ اداڪار رنوير سنگهه جي پنهنجي اداڪاره زال ديپڪا پڊوڪون سان پهرين تصوير وائرل ٿي وئي. بالي ووڊ کي بلاڪ بسٽر فلم ڏيندڙ اداڪار رنوير سنگهه ممبئي ۾ پنهنجي زال دپيڪا پڊوڪون سان سادو ۽ پرسڪون وقت گذاري رهيو آهي. وائرل ٿيل تصوير هڪ ريسٽورنٽ پاران شيئر ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ بالي ووڊ جي جوڙي کي عملي سان گڏ پوز ڏيندي ڏٺو ويو . جوڙو هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويو، رنوير سنگهه جو پيءُ جگجيت سنگهه ڀاوناڻي به گڏ هو. ريسٽورنٽ پاران شيئر ڪيل تصوير ۾ ٽنهي کي عملي سان گڏ پوز ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. 40 سالن جي اداڪار کي ڪاري ٽي شرٽ، اڇي ٽوپي ۽ چشمو پاتل هو ۽ سيلفي وٺي رهيو هو، جڏهن ته 40 سالن جي اداڪاره سندس ڀرسان بيٺي هئي، جيڪا مسڪرائيندي امن جو نشان ٺاهي رهي هئي. جگجيت سنگهه ڀواناڻي سندن پويان بيٺل هو. رنوير سنگهه جي 19 مارچ تي رليز ٿيل فلم ‘ڌرندر ‘ 10 ڏينهن ۾ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي، جڏهن ته ديپڪا پڊوڪون فلم سنگهم اگين ۾ نظر آئي هئي ، هاڻي شاهه رخ خان سان گڏ فلم ڪنگ جي تياري ڪري رهي آهي.