ڌريندر جو ٽوڙ:“ميرا لياري” 2 مئي تي رليز: فلم ايشين فيسٽيول ۾ به شامل 

ڌريندر جو ٽوڙ:“ميرا لياري” 2 مئي تي رليز: فلم ايشين فيسٽيول ۾ به شامل 

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره عائشه عمر جي فلم “ميرا لياري” کي برطانيه جي ايشين فلم فيسٽيول جي 28 هين ايڊيشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اها فلم 2 مئي تي ڏيکاري ويندي. فلم جي ڪهاڻي لياري جي راندين،رهڻي ڪهڻي  ۽ عورتن کي بااختيار ڪرڻ جي چوڌاري گهمي ٿي، ڌريندر جي ابتڙ  هي فلم لياري جي مثبت تصوير پيش ڪري ٿي.  فلم جو اصل نالو ‘بهناز’ هو، هندستاني پروپئگنڊا فلم ‘ڌريندر’ جي رليز ٿيڻ کانپوءِ انهي  جو نالو مٽائي ‘ميرا لياري’ رکيو ويو، سنڌ حڪومت پڻ ابو عليحه جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم کي ڌريندر جو جواب قرار ڏنو هو. اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پڻ فلم جنوري ۾ رليز ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو، هاڻي ‘ميرا لياري’ 8 مئي تي رليز ڪئي ويندي. دانا نير مبين هن فلم ذريعي فلمي دنيا ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهي آهي، فلم جي مک ڪاسٽ ۾ نير اعجاز، سميه ممتاز، عدنان شاهه ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن. فلم ۾ عائشه عمر اداڪاري گڏ ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. اداڪاره عائشه عمر 2024 ۾ ٽڪسالي گيٽ ذريعي فلمي دنيا ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪيو.