| ڌريندر ۾ دبنگ بجاءِ خوشامدي ڏيکاريو ويو: نبيل گبول |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) پ پ ايم اين اي نبيل گبول ڀارتي فلم ‘ڌرندر’ ۾ جميل جمالي جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار راڪيش بيدي کي اهم پيغام موڪليو آهي. فلم ‘ڌرندر’ جي ڪاميابي کانپوءِ نبيل گبول کي هندستان ۾ تمام گهڻي مشهوري ملي رهي آهي، رحمان بلوچ ۽ چوڌري اسلم کانسواءِ ‘جميل جمالي’ کي به تمام گهڻي شهرت ملي آهي. هندستاني ڪنٽينٽ ڪريئٽر نوين گري کي انٽرويو ڏيندي نبيل گبول چيو ته لياري کي مني پاڪستان سڏيو ويندو آهي، جتي هندو، عيسائي سميت هر مذهب جا ماڻهو رهن ٿا، آبادي جي اڪثريت بلوچن ۽ ڪڇين جي آهي. هتي هر ڪو هندستاني فلمون ڏسندو آهي، 1974 ۾ اسان جي گهر ۾ وي سي آر آيو، ماڻهو هندستاني فلمون ڏسڻ لاءِ اسان جي گهر ايندا هئا، اسان جي گهر ۾ فلم “شعلي” هڪ مهيني تائين هلندي هئي. جڏهن ميزبان ‘امن جي آشا ‘ بابت پڇيو ته نبيل چيو ته تاڙيون هڪ هٿ سان نه وڄنديون آهن، جيڪڏهن ڪشمير ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته پاڪستان تي سڌو سنئون الزام لڳايو ويندو آهي. پاڪستان ڪڏهن به جنگ نٿو چاهي، جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته اسان ايٽمي طاقت پڻ آهيون. فلم ‘ڌرنڌر’ ۾ جميل جمالي جي ڪردار بابت هن چيو ته ماڻهو مون کي اڳ به سڃاڻندا هئا، فلم ڌرندرکانپوءِ ماڻهن وڌيڪ ڄاڻڻ شروع ڪري چڪا آهن، هن چيو ته منهنجو ڪردار تمام گهڻو منفي طور تي ڏيکاريو ويو. نبيل گبول راڪيش بيدي لاءِ احترام ظاهر ڪندي چيو ته هو مون کان وڏو آهي،. هڪ سينئر اداڪار جي حيثيت سان سندس تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو ۽ ساڻس پيار ڪريان ٿو، پر حقيقت اها آهي ته نبيل گبول خوشامد ڪندڙ نه پر دبنگ شخص آهي، تنهن ڪري سٺو ٿئي ها ته جو دبنگ ڪردار ادا ڪريو هجي ها. ياد رهي ته فلم ‘ڌرندر 2’ باڪس آفيس تي سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن