“ڌرينڌر”فيم عائشه خان ڪاڪروچ پارٽي جي حمايت تان گرفتار 

“ڌرينڌر”فيم عائشه خان ڪاڪروچ پارٽي جي حمايت تان گرفتار 

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) فلم“ڌرينڌر” وسيلي  شهرت حاصل ڪندڙ بالي ووڊ جي اداڪاره عائشه خان کي تعليمي سڌارن جي حق ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ شرڪت تان پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس ڪارروائي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.ميڊيا موجب عائشه خان ممبئي ۾ شاگردن پاران تعليمي سڌارن ۽ ‘ڪاڪروچ جنتا پارٽي’ جي احتجاج ۾ ايڪتا جي اظهار لاءِ پهتي هئي، جتي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار اداڪاره کي زبردستي پوليس وين ۾ ويهاري رهيا آهن. عائشه خان پنهنجي گرفتاريءَ تي ردعمل ڏيندي دعويٰ ڪئي ته هن نه ڪو نعرو هنيو هو ۽ نه  ئي ڪا تقرير ڪئي هئي، انهي باوجود کيس حراست ۾ ورتو ويو.