| ڌمڪايو ناهي بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: سهيل آفريدي |
پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ترجمان چيو آهي ته وڏي وزير سهيل آفريدي جي ڪامورن بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير جو پيغام چٽو هو ته اليڪشن ۾ مداخلت تي سخت قانوني ڪارروائي ٿيندي ۽ ڌانڌلي برداشت نه ڪئي ويندي. ٻئي طرف وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته مون مطالبو ڪيو ته چونڊون چوري نه ڪيون وڃن مون چيو ته اليڪشن جي اعلان کان هن وقت تائين مون ڪنهن به آفيسر کي نه چيو ته هن اميدوار جي حمايت ڪريو. پر مون چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي تي آرٽيڪل 6 لڳي سگهي ٿو. مون ڪو اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جنهن تي ڪارروائي ٿي سگهي.