ڌوڙ ۽ ڇائي …ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو

ڏنو: “ادا صابو، سيوھڻ شھر ويو ھئين ڇا؟”

صابو: “ھائو ادا، پر توکي ڪيئن خبر پئي؟”

ڏنو: “ڌوڙ ۽ ڇائي پئي اٿئي منھن ۾، انڪري پڪ ڄاتم ته سيوھڻ شھر مان ٿي آيو آھين!”

“پر ٻي ڳالھه ته ٻڌ ادا”، صابو روئڻھارڪو ٿيندي چيو.

“ڇا ٿيو ادا، کيسو ڪٽجي ويئي ڇا؟” ڏني پڇيو.

“نه ادا، کيسو ڪٽجي ھا ته شڪر ڪريان ھا، ھتي ته وڏي جٺ ٿي وئي آهي مون سان.” صابوء پنھنجو دردناڪ قصو جاري رکندي چيو.

                 “ادا، مان مس سيوھڻ ٿاڻي واري گھٽيءَ وٽ پھتس ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻا مون کي ڦري آيا ۽ پسٽل کي چيمبر ڪري مون کي چنبا به ھنيائون ۽ مون کان منھنجي نئين CD-70، 2026 ماڊل ڦري روانا ٿي ويا!”

                 ڏنو: “شڪر ڪر ادا، موٽر سائيڪل وئي پر جان ته بچي! گذريل رات پاڻ واري شھزور سھتي کي نڀاڳن موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي گوليون ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ھو، ھو ھن وقت حيدرآباد جي اسپتال ۾ زندگيءَ ۽ موت جي جنگ لڙي رھيو آھي!”

صابو: ادا، پنج ھزار سال پراڻو سھپ ۽ رواداريءَ وارو شھر، قلندر جي نگريءَ جو شھر ۽ وزير اعلي` سنڌ جو اباڻو شھر سيوھڻ شاھينگن جي ور چڙھي چڪو آھي. ھتي ھڪ ئي ڏينھن ۾ چار چار موٽر سائيڪلون ڦرجن پيون؛ سوين زائرين جا کيسا ڪٽجڻ پيا؛ سوين موبائيل فونون ڦرجن پيون؛ ھتي نه روڊ آھن نه رستا آھن؛ نه پاڻي آھي نه گيس آھي ۽ نه وري بجلي آھي… ھتي جي آھي ته بد امني آھي، ڏھڪاء آھي، منشيات آھي، چوريون آھن، ڦرون آھن، خون آھن، قتل آھن، مصيبتون آھن… ھتي پوليس، انتظاميا ۽ ادارا شاھينگن سان ٻٽ بڻيل آھن… ھتي غريب جو نه داد ٿيندو نه فرياد!”

ڏنو: “پوءِ ڇا ڪجي؟!”

صابو: “جت پڄڻ ناھي وس، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو!”

“ڇا مطلب؟” ڏني وائڙن وانگر وات ۾ آڱر وجھي ڀڇيو.

صابو: “ادا وزير اعلي` جو شھر سيوھڻ ھاڻي رھڻ جھڙو ناھي رھيو؛ ھتي اسان جي جان، مال، آبرو محفوظ ناھي؛ لڏو کڻ ته ھلي جبل وسايون يا وري ڪو وڏو شھر وسايون!”

“پر ٿورو ترس ته مان ھار وٺي اچان!” صابوء چيو.

ڏني حيرانيءَ مان پڇيو، “پر ڪنھن لاءِ؟ ڪنھن کي پارائيندين؟”

“سيوھڻ جي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي، اسسٽنٽ ڪمشنر، چيئرمين ۽ چونڊيل نمائندن کي”، صابوء ٻڌايو.

“ڇا اھي ھار ‘گلن’ جا ھوندا؟!” ڏني پڇيو.

“ھا”، صابو مختصر ۽ طنزيه جواب ڏئي تڪڙو پنڌ نڪري ويو!!!