ڌيءُ جي جنڪ فوڊ جي عادت ڇڏرائڻ لاءِ پيءُ جي دلچسپ ٺڳي

ڌيءُ جي جنڪ فوڊ جي عادت ڇڏرائڻ لاءِ پيءُ جي دلچسپ ٺڳي

ووهان (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ پيءُ جو پنهنجي ڌيءَ جي جنڪ فوڊ جي عادت ڇڏرائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو منفرد طريقو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. هي وڊيو هڪ چيني پيءُ جي آهي، جيڪو پنهنجي ڌيءَ جي جنڪ فوڊ جي عادت کان پريشان ٿي هڪ دلچسپ طريقو اختيار ڪري ٿو. دراصل پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي خراب عادت کان پريشان هو ۽ هن کي ڪيترائي ڀيرا جنڪ فوڊ کائڻ کان روڪيو پر ڇوڪري پنهنجون پسنديده شيون کائڻ بند نه ڪيون. آخرڪار، پيءُ هڪ جعلي الٽراسائونڊ وڊيو جو سهارو ورتو ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جنڪ فوڊ کائڻ سان سندس پيٽ ۾ ڪيڙو پيدا ٿيو آهي. وڊيو ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن آئس ڪريم يا جنڪ فوڊ جهڙي ڪا شيءِ پيٽ ۾ داخل ٿئي ٿي ته ڪيڙو ان کي وڏي خوشي سان کائي ٿو ۽ وڏو ٿيندو رهي ٿو. حيرت انگيز طور تي هي طريقو ڪارآمد ثابت ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جنڪ فوڊ مڪمل طور تي ڇڏي ڏنو. واقعي جي وڊيو ۽ ڪهاڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ صارفين طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا. ڪجهه ماڻهن پيءُ جي منفرد طريقي کي دلچسپ قرار ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين ٻارن کي ڊيڄارڻ بدران صحتمند غذا جي اهميت کي بيان ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.