ڌي کي ناٺي گهلي ماريو: مٺياڻي واسڻ پاران ڪيس داخل  

ڌي کي ناٺي گهلي ماريو: مٺياڻي واسڻ پاران ڪيس داخل  

مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي لڳ ڳوٺ ليٽ ننگر چانڊيو ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور آپگهات ڪندڙ عورت شهناز چانڊيو جي امڙ زهران چانڊيو ناٺي آزاد چانڊيو مٿان قتل ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، فريادڻ جو چوڻ آهي ته منهنجو ناٺي آزاد چانڊيو منهنجي ڌي کي ڳچي ۾ ڪپڙو وجهي گهر ۾ گهلڻ بعد لاش  ڇت واري پکي ۾ ٽنگي فرار ٿي ويو آهي آخري اطلاع تائين مٺياڻي پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪيو هو