| ڌپ اٿس: سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن مريض کي هٿ ئي نه لاتو، رت ڳاڙيندو رهيو!! |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽرن بيحسي جي انتها ڪري ڇڏي هٽڙي ٿاڻي جي حد مان لاوارث مريض کي ايڌي ايمبولينس سول اسپتال پهچايو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي ڊيوٽي ڊاڪٽرن مريض ۾ بدبوءِ هجڻ جو چئي کيس ھٿ نه لاٿو ، چئن ڪلاڪن کان لاوارث مريض وارڊ جي گيٽ تي پٽ تي پيل ھو ايڌي فائونڊيشن موجب مريض جي وات مان رت اچي رھيو آھي، هٽڙي پوليس جي معرفت کيس اسپتال پهچايو پر ڊاڪٽرن سندس علاج ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اسان ڊاڪٽرن کي چيو ته مريض کي وهنجاري ڪپڙا به پارايون ٿا پر اوھان رڳو مريض جو علاج شروع ڪريو پر ڊاڪٽرن کيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چئن ڪلاڪن کان مريض ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گيٽ تي زمين تي پيل رهيو.