ڍاڪا ٽيسٽ: شانتو جو شاهينن کي سٽڪو، پهريون ڏينهن بنگالي بيٽرن جي نانءُ، پاڪستان خلاف 4 وڪيٽن تي 301 رنسون

ڍاڪا ٽيسٽ: شانتو جو شاهينن کي سٽڪو، پهريون ڏينهن بنگالي بيٽرن جي نانءُ، پاڪستان خلاف 4 وڪيٽن تي 301 رنسون

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي چئن وڪيٽن جي نقصان ته 301 رنز ٺاهي ورتيون. ميرپور جي شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. راند جي پهرئين ڏينهن بنگلاديشي بيٽرز پاڪستان بالرن خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ويو، بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو پاڪستان جي خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪيو، هن 130 بالن 101 رنسون ٺاهيون. مومن الحق نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي 91 رنز جي اننگز کيڏي پويلين موٽيو. ميزبان ٽيم پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 301 رنز ٺاهي ورتيون آهن، مشفق الرحيم 48 ۽ لٽن داس 8 رنز سان ڪريز تي موجود آهن. پاڪستان طرفان محمد عباس، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ نعمان علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان شروع ٿيندي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جاري آهي، شان مسعود جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم عبدالله فضل، عماد بٽ، اذان اويس، بابر اعظم، حسن علي ۽ امام الحق تي ٻڌل آهي. ان کانسواءِ ٻين رانديگرن ۾ خرم شهزاد، محمد عباس، محمد رضوان، محمد غازي غوري، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد کي بنگلاديش جي دوري لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق ۽ عمر گل ترتيبوار بيٽنگ ۽ بولنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀائيندا.