ڍورن وانگر نه کائو زندگي سان ئي دنيا آهن: وسيم اڪرم

ڍورن وانگر نه کائو زندگي سان ئي دنيا آهن: وسيم اڪرم

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم قوم کي جانورن وانگي کائڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي بيان ۾ هن پنهنجي مداحن ۽ سڀني پاڪستانين کي 2026 جي نئين سال جي مبارڪباد ڏني. وسيم اڪرم خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ ذیابيطس جي شرح 33 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته قوم جو چوٿون حصو هن بيماري کان متاثر ٿي چڪو آهي. هن پاڪستانين کي صلاح ڏني ته پنهنجي شوگر ليول چيڪ ڪن، انهن کي ڊاڪٽر کي ڏيکارين. وسيم اڪرم پاڪستانين کي صلاح ڏني ته بيوقوفن وانگر کائڻ پيئڻ بند ڪن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن زندگي آهي ته هڪ دنيا آهي.