ڍورونارو(رپورٽر)ڍورونارو ٿاڻي جي وڏي منشي پير بخش گرگيز ۽ پوليس اهلڪار بشير منڱريو جي مبينا منشيات فروش دڪاندار ممتاز ساند سان ڊيل واري ڪال رڪاڊنگ وائرل ٿي وئي
وائرل ٿيل ڪال رڪارڊنگ ۾ پڪڙيل منشيات عيوض ڪيس داخل نه ڪرڻ عيوض پوليس اهلڪار دڪاندار ممتاز ساند کان رشوت گهري رهيا هئا
وائرل ٿيل ڪال رڪارڊنگ ۾ منشيات فروش دڪاندار ممتاز ساند وڏي منشي پير بخش گرگيز کي ڪيس داخل نه ڪرڻ عيوض رشوت ڏيڻ جون آفرون ڏئي رهيو هو
پوليس اهلڪار بشير منڱريو پاران منشيات فروش دڪاندار کان پڪڙيل منشيات عيوض ڪيس داخل نه ڪرڻ جا 20 ھزار گهري رهيو هئا، پيسا ڏيو ڪيس داخل نه ڪنداسين، ٻي صورت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو
اهڙي ڊيل واري ڪال رڪاڊنگ وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ عبدالخالق پيرزادو نوٽيس وٺندي ڍورونارو ٿاڻي جي وڏي منشي پير بخش گرگيز ۽ پوليس اهلڪار بشير کي منڱريو معطل ڪري ڇڏيو
ايس ايس پي عمرڪوٽ پنهنجي جاري ٿيل بيان ۾ چيو ته وائرل ٿيل ڪال رڪارڊنگ کان پوءِ وڏي منشي پير بخش گرگيز ۽ پوليس اهلڪار بشير منڱريو کي معطل ڪيو ويو آهي معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفي بلوچ جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي
هن چيو ته ڪميٽي جلد جاچ ڪري رپورٽ ڏيندي پوليس کاتي ۾ اهڙين ڪارين رڍن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو انهن خلاف جاچ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي