ڍورونارو(ن پ ا) اقليتي معاملن جو صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي ڍورونارو پھتو، ڍورونارو ۾ شمشان گھاٽ لاءِ ڏنل اسڪيمن جو جائزو ورتو ۽ مڪمل ٿيل اسڪيمن جو افتتاح ڪيو
صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت واري پارٽي آهي پيپلز پارٽي ھميشه اقليت جي حقن جو ۽ انهن جي عبادت گاهن جو تحفظ ڪيو آهي، اسان پنهنجي دور ۾ بنا فرق جي سموري سنڌ ۾ اقليتي برادري لاءِ ڪم ڪيو آهي
اڄ ڍورونارو ۾ به ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مساڻ ۾ ٺاهيل هالن جو افتتاح ڪيو آهي، صوبائي وزير چيو ته اڳتي به وڌيڪ اسڪيمون ڏئي اقليتي برادري کي هر ممڪن سهولت مهيا ڪئي ويندي
صوبائي وزير سان گڏ فاروق سولنگي، ڪمار ٽلواڻي، وائيس چيئرمين ڍورونارو ھاٿي رام ميگھواڙ، نند لال ميگھواڙ، خوشهال پريمي، خان محمد چوپاڻ، ممتاز راڄڙ، گھنشام شيام، جئه پرڪاش، ستار چوپاڻ سميت ٻيا شامل هئا.