ڍوري ناري ويجهو بند اسڪول مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ڍوري ناري ويجهو بند اسڪول مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ويجھو ڳوٺ انور پلي جي رھواسي لطيف مکراڻي رات دير سان گهران ڪاوڙجي نڪري ويو جنهن بعد صبح سوير بند پيل اسڪول جي ڪمري مان ڦاھو کاڌل لاش هٿ آيو وارثن ۽ ڳوٺاڻن ٽنگيل لاش ڏسي ڍورونارو پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد ڍورونارو پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو ضروري ڪاروائي لاءِ لاش ڍورونارو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، رابطي تي ڍورونارو پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب گهريلو تڪرار تان خودڪشي جو ٻڌايو پيو وڃي وڌيڪ معاملي جي جانچ ڪيون پيا.