| ڍوري ناري ۾ خوراڪ کاتي جي نااهلي: 25 هزار مڻ ڪڻڪ خراب، ڪروڙن جو نقصان |
ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو ۾ ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ خرابن ٿي وئي. خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ هجڻ سبب خراب ٿي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 25 ھزار مڻ ڪڻڪ خراب ٿي وئي آهي. جنهن سان خوراڪ کاتي کي ڪروڙن جو نقصان ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڍورونارو ۾ خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب فوڊ سينٽر اجن راڄڙ ۽ ترڪو منڱريو جي پيل 25 هزار مڻ ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ هجڻ سبب بدبو دار ٿي خراب ٿي وئي، خوراڪ کاتي جي عملدران پاران ھزارين مڻ ڪڻڪ جي سار سنڀال نه لهڻ سبب هزارين مڻ ڪڻڪ ذيان ٿي آهي. ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ رکيل هئڻ ڪري ان ۾ سرو پئجي ويو ڪڻڪ مڪمل طور ناڪاره ٿي وئي، رابطو ڪرڻ تي خوراڪ کاتي جي فوڊ سينٽر اجن راڄڙ ۽ ترڪو منڱريو جي انچارج ولي محمد ساند ٻڌايو ته ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ هجڻ ڪري خراب ٿي آهي، ٿورڙي ڪڻڪ خراب ٿي آهي، وڌيڪ ڪڻڪ کي کولي چيڪ ڪري رهيا آهيون ته ڪيتري ڪڻڪ خراب ٿي آهي.