ڍڪڻ هڻو: ڪراچي جي يوسيز لاءِ ماهوار لک رپين جو اعلان    

ڍڪڻ هڻو: ڪراچي جي يوسيز لاءِ ماهوار لک رپين جو اعلان    

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت ۽ گٽرن جي مين هولن جي حفاظت لاءِ  سڀني 246 يونين ڪائونسلن کي ماهوار هڪ هڪ لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميئر  موجب شهر جي 246 يوسيز جا چيئرمين فنڊن جي استعمال بابت جوابده هوندا. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته مالي سال 2025-26 جي بجيٽ ۾ يوسيز لاءِ اسٽريٽ انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 295.2 ملين رپيا  منظورڪيا ويا هئا، انهي سان شهر ۾ روشني ۽ سيوريج سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هر مهيني يو سيز کي رقم منتقل ڪئي ويندي، هوڏانهن ڪي ايم سي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيف الدين چيو آهي  ته ميئر  6 مهينا اڳ به اهڙو اعلان  ڪيو هو پر اڄ تائين ڪنهن به يو سي کي هڪ رپيو به جاري ناهي ٿيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميئر رڳو بيان بازي پيو ڪري ، هن چيو ته 50 هزار آباديءَ واري يونين ڪائونسل ۾ جيڪڏهن 50 گٽرن جا ڍڪڻ لڳايا وڃن ته به شهر جا مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته  لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت سيوريج جا مسئلا يونين ڪائونسلن جي دائري اختيار ۾ نٿا اچن،