ڏاهلي ويجھو پوليس اهلڪار جوکوهه مان لاش هٿ، آپگھات قرار

ڏاهلي ويجھو پوليس اهلڪار جوکوهه مان لاش هٿ، آپگھات قرار

ڇاڇرو(ن پ ا) ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪيتار ۾ حاضر سروس نوجوان پوليس اهلڪار جو کوھ مان لاش هٿ آيو  آهي، جنهن جي وارثن پاران واقعو آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪيتار ۾ 33 سالن جي نوجوان پنج  ٻارن جي پيءُ حاضر سروس پوليس اهلڪار عثمان ولد وجهه الدين نھڙي ڳوٺ ڀرسان کوھ ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو،اطلاع تي حد جي پوليس ٿاڻي کينسر جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کوھ مان ٻاهر ڪڍي کينسر اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جي شروعاتي جاچ ۾ پوليس اهلڪار جي وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏيندي چيو ته گذريل 3 سالن کان نوجوان جو ذهني توازن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو هو، ڊيوٽي پوليس لائين مٺي ۾ هئي،دماغي حالت ٺيڪ نه هئڻ ۽ ميڊيڪل رپورٽ بعد علاج لاءِ موڪل تي هو، علاج هلندڙ هو، اڪثر دماغي چڪر ايندا هئا ته پنهنجي وس ۾ نه هوندو هو، اچانڪ گهران نڪري وڃي کوھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن تہ فوتي سپاهي جي وارثن هلندڙ علاج جون رپورٽون ۽ ميڊيڪل ٽيسٽون به پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهن،نوجوان جي اچانڪ موت تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.