| ڏاڍو سو گابو: ٽرمپ حملي لاءِ ڪانگريس کان اجازت نه ورتي |
واشنگٽن: آمريڪا وينزويلا تي حملي لاءِ پارليامينٽ کان اجازت نه ورتي ان باري ۾ ريپبلڪن سينيٽر مائيڪ لي تصديق ڪئي آهي ته وينزويلا تي حملي لاءِ ڪانگريس کان اجازت نه ورتي وئي. اهو ڄاڻڻ جو منتظر آهيان ته هي ڪارروائي ڪهڙي آئيني جواز تحت ڪئي وئي آهي. هن تصديق ڪئي ته صدر نڪولس مادورو کي گرفتار ڪيو ويو آهي سينيٽر مائيڪ لي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪئي. سينيٽر لي چيو ته مارڪو روبيو جو خيال آهي ته هاڻي جڏهن ته مادورو آمريڪي حراست ۾ آهي، وينزويلا ۾ وڌيڪ ڪارروائي جي توقع ناهي. صدر نڪولس مادورو تي آمريڪا ۾ فوجداري الزامن هيٺ ڪيس هلايو ويندو.