خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ڏاڍ سان بغاوت ڪندڙ ۽ ھيڻن جو حامي شھيد فاضل راهو ….ڊاڪٽر خليل قاضي

                 ڏاڍ سان بغاوت ۽ هيڻن جو حامي ٿيڻ شھيد فاضل راھو جي خمير ۾ ڳوھيل ھو. جوانيءَ ۾ ئي نہ اڃا پارٽي، نہ ڪو نظريو، نہ ليڊر، نہ ئي سياست يا ناماچاريء جي ڪا طلب تمنا! تر جي جاگيرداري راڄ سان وڙھندي، بي پھچن جو ڀرجھلو ٿيندي، ھو انھن جو اجھو آسرو، اکين جو تارو بنجي ويو ۽ اھي سندس سڏ جي وراڻي بنجي ھن جي سگھ ۽ طاقت بنيا. 1958 ۾ ڪوٽڙي بئراج، جنھن جو شروع ۾ نالو ان وقت جي گورنر جنرل مرزا غلام محمد جي نالي پٺيان غلام محمد بئراج رکيو ويو ھو ۽ شھيد فاضل جي عوامي جدوجھد جي دٻاءَ تي تبديل ڪري ڪوٽڙي بئراج رکيو ويو،  ان جي ڪمانڊ ايريا جون زمينون بي زمين مقامي ھارين کي ڏيارڻ  لاءِ  زبردست جدوجھد ڪئي ۽ کين پنھنجي زمينن جو مالڪ بنايو. موٽ ۾ عوام کيس ايڏي سگھ ۽ ساٿ ڏنو، جو 1962 جي مڪاني چونڊن ۾ ھو تر جي طاقتور جاگيردار جي نمائندي کي شڪست ڏئي پنھنجي علائقي جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. اتان ھن جي زندگي ۽ جدوجھدن جو ھڪ نئون سفر شروع ٿيو. عوام جي ڪمن ڪارين سان ھن جو ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد جي روينيو ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيو. حيدرآباد اسٽيشن وٽ تاج ھوٽل ھن جو ٺڪاڻو بڻي، جتي ھن ٻہ ڪمرا بڪ ڪري رکيا ھئا، ھڪ سندس ۽ ھڪ ڪم ڪار لاء ايندڙ ماڻھن جي لاء. اسٽيشن وارين هوٽلن جو جيتوڻيڪ اڳ جھڙو اوج نہ رھيو آھي پر تاج ھوٽل جي تڏھن جي مرحوم پٺاڻ مالڪ جي پٽ شبير وٽ شھيد فاضل جون ساروڻيون اڄ بہ تازيون آھن، جيڪي ٻڌي ائين لڳندو آھي ڄڻ شھيد فاضل ۽ سندس ان دور جا سڀئي ڪردار اتي جيئرا جاڳندا ھلي رھيا آھن. ٽنڊي محمد خان جي مختيارڪاريءَ ۾ شھيد فاضل جو واسطو اتي جي تپيدار “مافيا”، جنھن ۾ محمد خان مگسي، حاجي قاسم ملاح ۽ سندن گرو غلام.نبي بھراڻيء سان پيو. اھي کاٻي  ڌر جي مائوسٽ انقلابي ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ جي تنظيم ۾ شامل ھئا. تن کي جو فاضل گڏيو تہ خوب چوڪڙي ٺھي وئي. ائين شھيد فاضل ابتدا ۾ عزيز سلام بخاريءَ جي سياسي ساٿ ۾ باقاعده سوشلسٽ انقلابي نظرئي کي پنھنجي مستقبل جي سياسي واٽ بنايو. ان دور ۾ شھيد فاضل حيدرآباد جي  قومي ۽ سياسي ماحول جو حصو بنيو، جتي ھن جو رسول بخش پليجي صاحب سان ساٿ جڙيو، جيڪو آخر تائين قائم رھيو. شھيد فاضل بنيادي طرح عملي جدوجھد جي ميدان جو شهسوار ھو. پورھيت انقلابي نظرئي سان سرشار ٿي ھن انقلابي توڙي ان سان لاڳاپيل سياسي جدوجھدن ۾ عوام جي وڏن ھجومن کي شامل ڪري اھا جلا ڏني جو تاريخ جي صفحن تي ھن جي ئي نالي سان نقش آھي.

ھن لکين سنڌي  ھارين کي زمينن جا مالڪاڻا حق وٺي ڏنا. انھن جون زمينون جنرل يحيي` جي نيلام ۽ جنرل ضياءَ جي ڪينسل ڪرڻ کان بچايون. ون يونٽ خلاف ۽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ جي اڳواڻ صفن ۾  رھيو. سنڌي ادب ۽ ثقافت بچايو، سنڌي اديب آزاد ڪريو ھلچل ھلائي.  نواب مظفر ۽ الطاف حسين جي لساني دھشتگرديءَ خلاف سنڌي ماڻهن جو ڀرجھلو ٿي بيٺو. آمريڪي تيل ڪمپني کان مقامي ماڻھن کي حق ڏياريا. صحافين جي ويج بورڊ ۽ اظھار راءِ جي آزاديءَ جي تحريڪ کي ڪامياب بڻايو. ڪالاباغ ڊئم سميت  ايم آر ڊي 1983 ۽ 1986 جي تاريخي تحريڪن کي سوڀ سان همڪنار ڪرڻ ۾ اڳرو اڳڀرو رھيو. پنھنجي اصولي اڻٿڪ عوامي قومي جمھوري ۽ انقلابي جدوجھدن جي پاداش ۾ کيس جنرل يحيي`، ڀٽي ۽ جنرل ضياءَ جي حڪومتن ۾ نارا، حيدرآباد، خيرپور، سکر، ڪراچي ۽ بلوچستان جي مچ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جيل ۾ ھن تي سختيون ڪيون ويون. لانڍي جيل ۾ مدي خارج دوائون ۽ زھر جا ڪيپسول ڏنا ويا پر سنڌ جي ھن مٿير پٽ ذرو به آڻ نہ مڃي. 

شھيد فاضل، ڀٽو حڪومت جو قيدي ھو. ھن 1977جي جنرل اليڪشن لاء سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو فارم جيل مان ڀريو ھو. ان اليڪشن کانپوءِ چند شھرن ۾ پي اين اي جي احتجاجن جي تيار ڪيل صورتحال ضياءَ جي مارشلا تي ختم ٿي. جنرل ضياءَ ڀٽو دور جا سياسي قيدي ان اميد تي آزاد ڪيا ته اھي ڀٽي خلاف ھن جي حمايت ڪندا پر شھيد فاضل  ائين نه ڪيو. ھن جنرل ضياءَ جي مارشلا جي کلي مخالفت ڪئي. آمريت جو ساھ عوام کي ماري ڪٽي زبان بندي ڪري ان کي خاموش ڪرڻ ۾ ھوندو آھي. شھيد فاضل  آمريت خلاف ھر اٿندڙ آواز جو ساٿ ڏنو، ان کي طاقتور بنايو. ملڪ جا صحافتي حلقا ان کان بخوبي واقف آھن، جڏھن جنرل ضياءَ اظھار جي آزاديءَ جو گلو گھٽي سينسر شپ لڳائي ۽ اخبارن جو اڌ کان وڌيڪ حصو ڪارا ڪالم بنجي ويا، تڏھن صحافين ان خلاف تحريڪ ھلائي، جيڪا ڪاميابيءَ سان همڪنار شھيد فاضل راهوءَ جي ساٿ ۽ حڪمت عمليءَ سان ٿي. ان تحريڪ ۾ شھيد فاضل ۽ سندس پٽ صديق راھو کي بہ گرفتار ڪيو ويو ھو. شھيد فاضل جي سوچ، نظريو ۽ سياست جو ڍنگ اھو ھو تہ ھو جبر جي اڳيان رڪ جي ديوار بڻجي بيهندو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل جو فيصلو وٺڻ کانپوءِ  جنرل ضياءَ جي حڪم تي  4 اپريل1979 تي ڦاسي ڏني وئي.  سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ ھراس جو راڪاس گھمايو ويو. جتي سياسي ليڊرشپ به چپن کي چنو لڳائڻ ۾ عافيت سمجھي، اتي ملڪ جي ڪن شھرن ۾ سرفروش جيالن ۽ جمھوريت پسندن جان تي کيڏي احتجاج رڪارڊ ڪرايا. شھيد فاضل ان ڏکئي وقت ۾ بہ ڀٽي جي لاءِ آواز اٿاريو. انھن ڏينھن رسول بخش پليجي صاحب، “ذوالفقار علي ڀٽو لکين سنڌين اڳيان ڪيئن مارجي ويو” جي عنوان سان ھڪ مشھور پمفليٽ لکيو. ڪٺن مارشلا ۾ اھو شھيد فاضل ئي پنھنجي پارٽي پريس مان خفيہ طور ڇپائي عوام تائين پھچايو. جنھن کانپوءِ پريس ۽ ان جي ورڪرن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. شھيد فاضل راهوءَ جو نظريو خوف کي شڪست ڏيڻ ھو ۽ اھو ئي ھن جي جدوجھدن جي ڪاميابي جو نسخو ھو.

ڀٽي صاحب جي شھادت جي صرف ڇھن مھينن کانپوءِ جنرل ضياءَ جي پئدا ڪيل خوف ۽ سياسي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌي ھاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان 9 آڪٽوبر 1979 تي ھاري ڪانفرنس جي نالي ۾ سياسي اجتماع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان جوکم جي ڪم لاءِ شھيد پنھنجي ڳوٺ راھوڪي لاءِ حامي ڀري ۽ سڄو انتظام شھيد فاضل پنھنجي ذمي کنيو. ڪانفرنس جي تياري بلڪل خفيہ انداز ۾ ڪئي وئي، جنھن لاء شھيد فاضل ڳالھ ھلائي تہ ٻارن جو عقيقو ڪري رھيو آھي. ڪانفرنس ٿيڻ تائين ھن فوجي اختيارين کي ڪا بہ سڻس پوڻ نه ڏني. ڪانفرنس ھڪ وڏو سياسي جلسو ھئي، جنھن ۾ عوامي تحريڪ، ان جي تنظيمن ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت  ڪئي. جلسي ۾  شھيد  ذوالفقارعلي ڀٽي جي بيگناھ ڦاسي جي مذمت ڪئي وئي ۽ جنرل  ضياءَ کان مارشلا جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو.  ڪانفرنس کان پوء راھوڪيء تي فوجي اٽالن سان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. پليجو صاحب، شھيد فاضل، صديق راھو، حسين بخش ناريجو ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. ناريجو، مٺو مھيري، گل چانگ، ادريس ميراڻي کي سرعام ڪوڙن جو سزائون لڳيون، جيڪي بهادريءَ سان پنھنجو نينھن نڀائي آيا. فوجي ڪورٽ شھيد فاضل کي نومبر 1981۾ آزاد ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي جو بنياد رکيو ھو. عوامي تحريڪ ان ۾ شامل ٿي ھئي. نومبر 81 کان آگسٽ 83 تائين شھيد فاضل جيل کان ٻاھر رھيو. انھن پوڻن ٻن سالن ۾ ھن ھر ڏينھن شھيد ڀٽو، جمھوريت ۽ ھزارين بيگناھ سياسي ڪارڪنن جي شهادتن، تشدد، ڪوڙن ۽ جيلن  ۾ واڙيندڙ مجرم جنرل ضياءَ جي آمريت سان وڏي ويڙھ جي تياري ڪندي گذاريو. اھا تياري ھن ڪيئن ڪئي، جو ايم آر ڊي 83 ۽ 86 جون تحريڪون، جن ۾ سنڌي ماڻھن جي سمورن طبقن کي  ھڪ مٺ ڪري ملڪ جي جمھوريت پسند قوتن سان ساٿ ڳنڍي آمريت جا بنياد لوڏي ڇڏڻ جو تاريخي معرڪو سرانجام ڏنو، سو خود ھڪ اڻ لکيل، اڻ چيل داستان آھي.