ڏاڏيءَ ام رباب کي امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب جي ڇانو ۾ عدالت اماڻيو

ڏاڏيءَ ام رباب کي امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب جي ڇانو ۾ عدالت اماڻيو

ميهڙ: ميھڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس واري واقعي جي فيصلي واري ڏينھن تي دادو جي ماڊل ٽرائل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو پوليس ۽ رينجرس جي نگراني ۾ دادو ڪورٽ پھتا ام رباب چانڊيو کي دادو ڪورٽ مان روانو ٿيڻ کان پھرين سندس ڏاڏي پاران کيس امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب ھيٺان گذاريو ۽ دعائون ڏنيون جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو قمبر غيبي ھائوس کان ميھڙ باء پاس سان وڏين گاڏين جي قافلي سان دادو ڪورٽ پھتا