ڏهرڪي اسپتال ۾ دوائن جي مد ۾ 65 لک رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف: جاچ لاءِ خط

ڏهرڪي اسپتال ۾ دوائن جي مد ۾ 65 لک رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف: جاچ لاءِ خط

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال ۾ ميگا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، تعلقي اسپتال جي آيل رقم مان 65 لک رپيا مبينا طور ايم ايس شڪيلا رڏ جي جعلي صحيحن سان دوائن جي مد ۾ نڪري ويا، ان بابت ايم ايس شڪيلا رڏ پاران سيڪريٽري هيلٿ کي لکيل  اهڙو  ليٽر منظر عام تي اچي ويو آھي، اسپتال جي  ايم ايس  شڪيلا رڏ سيڪريٽري کي خط ۾ لکيو آھي ته 3 مئي کان 19 جون تائين مان حج جي ادائيگي لاءِ ويل هيس، 10 جون تي منهنجي جعلي صحيحن سان 65 لک جا بل پاس ڪرايا ويا آهن، ٻي طرف ايم ايس شڪيلا رڏ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو فرض پورو ڪيو آھي،  انڪوائري هلي رهي آھي، جيڪي به چور هوندا اهي ظاهر ٿيندا، هن چيو ته جن پئسن تي ڌاڙو لڳو آھي اهي غريب مريضن جي دوائن جا پئسا آھن.