ڏهرڪي جا مغوي بازياب نه ٿيا، ڪال ٽريس، وارثن جو لنڊ برادري جي گهرن جو گهيرو:ڇڪتاڻ

ڊسمبر 21, 2024

ڏهرڪي (ن پ ا ) هڪ مهينو اڳ ڳوٺ نرلي جا رهواسي ذوهيب شر ۽ ثناءُ الله شر انور شاهه جي ميلي تان واپس ايندي لاپتا ٿي ويا هئا، هڪ هفتو اڳ وارثن کي 50 لک ڀنگ لاءِ فون ڪال اچڻ بعد وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس نمبر ٽريس ڪرايا ته فون ڪال ڪندڙ جو رابطو يارو لنڊ واسي واجب لنڊ سان هئو، جنهن بعد گذريل ڏينهن پوليس کان اڳ ئي شر برادري جا ماڻهو يارو لنڊ واري علائقي ۾ واجب لنڊ ۽ زاهد لنڊ وٽ پهچي ويا، جتي لنڊ برادري جي ماڻهن ڳالهيون ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو، جنهن بعد شر برادري جا سوين ماڻهو هٿيار کڻي يارو لنڊ پهچي لنڊ برادري جي گهرن کي گهيرو ڏيئي ڇڏيو آھي، ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ يارو لنڊ پوليس ۽ ڏهرڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، ان سلسلي ۾ مغوين جي وارثن ناويد شر، ۽ الياس شر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واجب ۽ زاهد لنڊ جا نمبر ٽريس ٿيا آھن، جيستائين اسان کي پنهنجا نوجوان واپس نه ڪندا تيستائين هتي ويٺا رهنداسين، آخري اطلاعن تائين شر برادري جا سوين ماڻهو گهيرو ڪري ويٺل هئا، پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي چڱي مڙسن سان  رابطي ۾ آهيون، اگر ڳالهين ذريعي معاملو حل نه ٿيو، قانوني ڪارروائي ڪندا سين.

Leave A Comment