ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي جو مشهور ڊاڪٽر گهر اندر باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو، آپگهات جا چوٻول هلي رهيا آهن
ڊاڪٽر خالد احمد گهر ۾ سڙي زخمي ٿيڻ کانپوءِ رحيم يار خان اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ بعد ڊاڪٽر جي جسم کي باهه لڳي وئي
علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته ڊاڪٽر قرضي تي قرض هو، جنهن سبب هن پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪيو