| ڏهرڪي ويجهو پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان تي فائرنگ، جواب ۾حملو ڪندڙ مارجي ويو |
ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ پسند پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ نوجوان صاحب خان جوڻيجو مارجي ويو، کينجهو ٿاڻي ڀرسان ڳوٺ جلال جوڻيجو ۾ پرڻيل عورت سان پسند جي شادي ڪندڙ دڪان تي ويٺل نوجوان گل محمد جوڻيجو مٿان حملو ڪيو ويو، جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ صاحب جوڻيجو پاڻ مارجي ويو، صاحب جوڻيجو عزت خاتون جو اڳوڻو ڏير هو، جنهن سکر مان اچي حملو ڪيو. پوليس فائرنگ ڪندڙ گل محمد کي گرفتار ڪري پسٽل به هٿ ڪيو. رابطي تي پوليس ٻڌايو ته جوابدار گرفتار ڪيو آهي، باقي فريادين جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. واضح رهي ته چار سال اڳ کينجهو ٿاڻي ڀرسان ڳوٺ جلال جوڻيجو ۾ پرڻيل عورت عزت خاتون زال قبول جوڻيجو گهران نڪري نوجوان گل جوڻيجو سان پسند جو پرڻو ڪيو، بعد ۾ چڱن مڙسن جي مداخلت تي عزت خاتون کي ڀائرن واپس ڪرايو، جنهن بعد عورت کي گهر اندر مبينا زهر ڏئي قتل ڪيو ويو هو، اهڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٻه سال اڳ جرڳي ۾ عورت جي ڀائرن واري ڌر ملوڪ وارن ڏنڊ جي رقم گل محمد کان ورتي پر مڙس قبول ۽ ڏير صاحب جوڻيجو وارن عيوضو نه ورتو هو ۽ ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڪالهه اهڙو واقعو پيش آيو