| ڏهرڪي ويجھو مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ هاري نوجوان ڊوڙائي ڊوڙائي قتل |
ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ڀرسان زميندار هٿان زمين تي ڪم ڪندڙ هاري بيدردي سان قتل، کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگو دڙو ۾ زمين تي بيٺل هاري فاروق لغاري کي پنهنجي زميندار پاران بندوق جا فائر هڻي ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو، نوجوان فاروق لغاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي والد سونهارو لغاري ۽ ٻين وارثن موجب اسان زميندار وٽ هارپو ڪندا آهيون، زمين تي ڪڻڪ جو ٻج ڇٽي رهيا هئاسين ته زميندار ۽ ان جي پٽن بندوق جا فائر ڪري فاروق کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي والد سونهارو چيو ته زميندار هاڻي چوي ٿو ته فاروق کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آھي، هن وڌيڪ چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن کينجهو پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.