ڏهرڪي ۾ مال پڙيءَ تي ايندڙ پنجاب جي واپاري کان 4 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل

آگسٽ 20, 2023

ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ مال پڙي تي ايندڙ پنجاب واسي واپاري کان ساڍا چار لک رپيا ڦر، مزاحمت تي وليون هڻي قتل

جوابدار فرارخبر موجب ڏهرڪيءَ جي مال پڙي تي مال کڻي ايندڙ پنجاب جي گوجره شهر جي رهواسي مال جي واپاري عارف علي جٽ  کان ڏهرڪي باءِ پاس تي چمن هوٽل تي ويٺل ڦورن هٿيارن جي زور تي ساڍا چار لک رپيا ڦر ڪري ورتا واپاري پاران

ڦورن سان مزاحمت تي ڦورن گوليون هڻي عارف جٽ کي قتل ڪري آساني سان موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا ,مقتول جو لاش ڏهرڪي اسپتال آندو ويو جتي واپاري سان گڏ آيل پٽ اسد علي جٽ ٻڌايو ته اسان هوٽل تي فجر جي نماز لاءِ بيٺا سين منهنجو والد واش روم طرف وڃي رهيو هو

ته ڦورن ڦر ڪئي ۽ مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري اسان سان ظالمن ظلم ڪري ڇڏيو آھي ضروري ڪارروائي بعد واپاري جو مڙهه اباڻي شهر گوجره روانو ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ تي پهتل ايس ايچ او ڏهرڪي ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو چيو اسان کي هوٽل تان سي سي ٽي وي فوٽيج مليا آھن

 انهن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آھيون جلد ڏوهارين جو پتو لڳايو ويندو. هوڏانهن مال پڙي انتظاميه سڪندر علي سپيو ٻڌايو ته اسان لاش کڻي روڊ تي ڌرڻي لاءِ وڃي رهيا هئاسين

پر پوليس 48 ڪلاڪ جي مهلت طلب ڪئي آھي ان ڪري اسان خاموش آھيون جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته ايندڙ آچر تي سڀ واپاري نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين

Leave A Comment