| ڏهرڪي ۾ پراسرار بيماري وگهي ٻن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا فوت |
ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي لڳ کينجهو واري علائقي ۾ پراسرار بيماري سبب ٻن ڏينهن ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا 3 معصوم ٻارڙا فوت 12 کان وڌيڪ بستري ڀيڙا، ڳوٺاڻن پاران ارڙي جو شڪ ظاهر، ڳوٺ فيض محمد ميهاڻي مهر ۾ ٻارڙن ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي، ٻن ڏينهن اندر هڪ ئي ڳوٺ جا 3 معصوم ٻارڙا عامر علي،بسم الله مهر ۽ نينگري حضواران مهر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ ٻارڙا بيماري وگهي بستري ڀيڙا ٿي ويا، ان حوالي سان ڳوٺاڻن قربان علي، سومار مهر ۽ ٻين چيو ته ٻارڙن کي تيز بخار اچڻ بعد منهن تي داڻا نڪرڻ شروع ٿيا جنهن ۾ 3 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آھن ۽ 12 کان وڌيڪ ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته بيمار ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.