ڏهرڪي ۾ پنجاب جا شاگرد نائين ۽ ڏهين جو امتحان ڏيڻ لڳا، خانگي اسڪول انتظاميا ملوث
اپريل 9, 2025
ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحان ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي انتظاميه پاران غير قانوني طور پنجاب جي شاگردن کان ڳري رشوت وٺي سکر بورڊ کان سلپون جاري ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پنجاب جي شاگردن پاران ٽائيم نيوز آڏو اهڙو اعتراف ڪيو ويو، ٽائيم نيوز جي ٽيم پاران اهڙو انڪشاف سامهون آڻڻ بعد پرائيويٽ اسڪول انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڏهرڪي ۾ پنجاب جا سوين شاگرد امتحاني سينٽرن تي امتحان ڏيڻ لڳا آهن، مقامي شاگردن طرفان شڪايت ڪرڻ تي ٽائيم نيوز جي ٽيم شاهه لطيف اسڪول جي امتحاني سينٽر تي پهتي جتي پنجاب جي مخلتف شهرن کان آيل شاگرد امتحانن ۾ ويٺل هئا، جتي شاگردن پاران اعتراف ڪيو ويو ته اسان کان ڏهرڪي جي پرائيويٽ اسڪول جي مالڪن وڏي رقم وٺي سلپون ڏنيون آھن، سينٽر ۾ پنجاب جي رحيم يار، خانپور ڪٽورا، صادق آباد، ڊيرا غازي خان ۽ ڪي پي ڪي جا شاگرد به امتحاني سينٽرن تي پيپر ڏئي رهيا هئا، اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد پرائيويٽ اسڪول انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ امتحاني سينٽرن تي ميڊيا جي اچڻ تي به پابندي لڳائي وئي، مقامي شاگردن ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته پنجاب جا شاگرد هتي اچي اسان جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا ۽ امتحانن کانپوءِ انهن جا ڊوميسائل به مقامي ٺهرايا وڃن ٿا، جيڪو سراسر ظلم آھي، ذريعن جو چوڻ آھي ضلع گهوٽڪي جي سڀني امتحاني سينٽرن تي پنجاب جا شاگرد هر سال اچن ٿا، جيڪي هتان جعلي ڊگريون وٺي بعد ۾ هتان جا ڊوميسائل ٺهرائي مقامي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا.