| ڏهرڪي ۾ 3 سال اڳ اغوا ڄاڻايل ناري ڊرامائي انداز ۾ پيش: شاديءَ جو بيان ڏئي ڇڏيو |
ڏهرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي جي ميان سميع محلي مان ٽي سال اڳ ناري سائره سومرو ڌيءُ فتح محمد سومرو لاپتا ٿي وئي هئي، جنهن بعد سائره جي والد پاران ڏهرڪي ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هيو، پوليس ڪجهه مهينا اڳ عدالت جي سخت پڇاڻي بعد وارثن کان بيان وٺي بيانن جي آڌار تي ڀرچونڊي پير ميان محمد علي،ميان سهيل سميت 6 ڄڻن جا نالا ڪيس ۾ ڏئي ميان محمد علي ۽ ميان سهيل کي گرفتار ڪري جيل موڪليو، جيڪي جيل کان ضمانت تي آزاد آھن،جڏهن ته سائره سومرو ڊرامائي انداز ۾ ڊي آءِ جي سکر وٽ پيش وئي آھي، جنهن کي ليڊيز پوليس حوالي ڪري ڏهرڪي ٿاڻي تي آندو ويو، جنهن کي اڄ ڏهرڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ٻي طرف سائره سومرو جو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو بيان وائرل ٿيو آھي جنهن ۾ هو چئي رهي آھي ته پيءُ گهر ۾ مارڪٽ ڪندو هيو، تنگ ٿي گهران نڪري صادق آباد هلي ويس، جتي هڪ رڪشي وارو مليو، جيڪو پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ پنهنجي رضا خوشي سان رڪشي واري جي ڀاءُ فقير محمد سان شادي ڪيم، هڪ پٽ به ڄائو آھي،هن چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو،هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ٻڌايو ته هي هاءِ پروفائيل ڪيس آھي، ان ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان پهرين سائره سان ملائي نه ٿا ڪرائي سگهون، اڄ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.