ڏهرڪي ۾ 3 سڳا ڀائر اغوا ٿيڻ خلاف وارثن ۽ شهرين جو ڌرڻو
جنوري 13, 2024
ڏهرڪي ويجهو هٿياربندن هٿان 3 سڳا ڀائر اغوا ٿيڻ خلاف وارثن ۽ شهرين مريد شاخ روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي
ڌاڙيل فجر جي وقت کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪران دشتي تي حملو ڪري ٽن ڀائرن الهداد دشتي، محمد يار ۽ الهيار دشتي کي اغوا ڪري ويا
لٺاڻي گينگ جي ڌاڙيلن اغوا ڪيل ٽنهي ڀائرن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون
ڌاڙيلن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي هڪ ماڻهو کي گرفتار ڪيو هو، اسان جي ساٿي کي آزاد ڪيو وڃي ته ٽنهي مغوين کي ڇڏي ڏينداسين