آمريڪا جي جڳ مشهور صحافي جان ريڊ روس ۾ ايندڙ آڪٽوبر انقلاب تي ناقابل فراموش ڪتاب لکيو هو. جيتوڻيڪ هن دور ۾ عالمي سياست اندر سرخ رنگ جو مقدار گهٽجي ويو آهي پر ڪنهن وقت تمام گهڻو پڙهيو ويندڙ اهو ڪتاب ٿورو گهڻو هاڻي به نظرن مان ڪڍيو ٿو وڃي. جان ريڊ جو “جڳ جهنجهوڙيندڙ ڏهه ڏينهن (Ten Days that Shook the World) هر حاظر ته ڇا پر هر سابق سرخي کي به ياد هوندو. اهو ڪتاب انهن ڏهن ڏينهن جو داستان آهي، جن ڏينهن ۾ ماسڪو اندر مزدورن جي پهرين حڪومت قائم ٿي رهي هئي پر اسان پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ جن ڏهن ڏينهن کي ڏهن آڱرين تي ڳڻڻ شروع ڪيو آهي، انهن ڏهن ڏينهن اندر هيءَ حڪومت ته هر حال ۾ ويندي پر ان بعد ملڪ اندر ڪو نالي ماتر انقلاب به نه ايندو. هن وقت ملڪي صحافت جا مهندار قلمڪار انهن ڪردارن جا نالا معلوم ڪرڻ جي مهم تي لڳل آهن، جن کي وفاق ۽ صوبن ۾ نگران حڪمران بڻائي ويهاريو ويندو. جيتوڻيڪ هن مهل تائين ڪنهن به باخبر جرنلسٽ اها اسٽوري بريڪ نه ڪئي آهي ته ڪنهن ڪنهن کي “حلف” کڻڻ جي خوشخبري ڏني وئي آهي پر پوءِ به اڪثر حلقن ۾ اها تشويش گردش ٿي ڪري ته هن ڀيري اچڻ وارا نگران ممڪن آهي ته ٽن مهينن جا مهمان نه هجن.
ملڪ جي سياسي مستقبل جو منظر ان حساس تصوير جهڙو نظر اچي رهيو آهي، جنهن کي هٿ سان ڌنڌلايو يعني بلر (Blur) بڻايو ويندو آهي. ايندڙ سرڪاري سيٽ اپ جي حوالي سان هڪ نه پر ڪيترائي سوال مناسب لفظ هجڻ جي باوجود به پنهنجو اظهار ڪرڻ کان قاصر آهن. ڇو ته اسان جي اظهار جي آزادي نهايت ڪاريگريءَ سان محدود ڪئي وئي آهي. جيڪي قانون تمام گهڻي تڪڙ ۾ جوڙيا ويا آهن، اهي ايتري ئي تيزيءَ سان انهن فردن جي خلاف عمل ۾ به اچي ويندا، جيڪي انهن ليڪن کي لتاڙڻ جي ڏوهه جا ڏوهاري ثابت ٿيندا، جن ليڪن اندر ملڪي ميڊيا کي محدود آزاديءَ سان آپريٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان ڪري اهي سوال صرف صحافين لاءِ ئي نه پر ڪيترن ئي سياستدانن لاءِ به صرف سوال ئي آهن، جن جا جواب ممڪن آهي ته هن مهل تائين وس وارن کي به معلوم نه هجن.
دنيا جي باري ۾ به شڪ سان پر پاڪستان جي سلسلي ۾ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايلون ٽافلر جي بقول اسان جنهن تيز رفتار ڪلچرل سفر جا مسافر آهيون، ان ۾ صرف منظر ئي نه پر نقطهء نظر به مسلسل گردش ۾ رهن ٿا. اهوئي سبب آهي ته هاڻي ميڊيا جي ادارن کان وٺي ملڪ جي اهم ادارن، بلڪه مجموعي طور تي پوري رياست جون پاليسيون لاڳيتي تبديليءَ مان گذرن ٿيون. اهو پتو پوڻ تمام مشڪل آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان ڪوئي ڪجهه به ٻڌائي نه ٿو سگهي. ڇو ته ملڪ جو سڀ کان منجهيل سياسي معاملو ان پارٽيءَ جو آهي، جنهن کي پاڻ به پتو ناهي ته انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو؟
تڪڙي عروج ۽ ان کان وڌيڪ تڪڙي زوال جو شڪار ٿيندڙ تحريڪ انصاف جو سربراهه به ان سوال جو جواب ڏئي نه ٿو سگهي ته ايندڙ چونڊن ۾ انهن جي پارٽيءَ جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟ جڏهن ڪوئي مغربي صحافي ڪمزور ڪپتان کان اهو سوال ڪري ٿو ته هو جواب ۾ ان خدشي جو اظهار ٿو ڪري ته هن کي اهو به معلوم ناهي ته هن جي پارٽيءَ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي مڪمل آزادي هوندي به يا نه!! ڪنهن کي ڪهڙو چونڊ نشان ملندو؟ اڪثر پارٽيون ته پنهنجو شينهن ۽ تير توڙي لغڙ ۽ لالٽين کڻي اينديون پر هن ڀيري “بيٽ” ڪنهن جي هٿ ۾ هوندي؟ اهو به هڪ ڏکيو سوال آهي. هن وقت تحريڪ انصاف جي حامي حلقن ۾ هڪ قسم جي اميد پيدا ٿي رهي آهي. انهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته انهن جي آزمائش پنهنجي فطري انت کي پهچي چڪي آهي. هاڻي پي ٽي آءِ جي پريشانيءَ جي ڪيفيت اها ناهي، جيڪا 9 مئي کان پوءِ فوري طور تي پيدا ٿي هئي.
9 مئي تحريڪ انصاف لاءِ ڪنهن سياسي ۽ تنظيمي زلزلي جهڙي تاريخ بڻجي وئي آهي. جيتوڻيڪ هن وقت به ان زلزلي جا آفٽرشاڪس ڪنهن نه ڪنهن لوڏي جي صورت ۾ محسوس ڪيا وڃن ٿا پر هاڻي انهن جي ساڳي شدت نه آهي. هن وقت ڪپتان پنهنجي باقي بچيل ٽيم سان گڏ پارٽيءَ جي بچي ويل ٽپڙ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان جو جائزو وٺي رهيو آهي ته پارٽيءَ جي ڪهڙي حصي کي ڪيترو نقصان پهتو آهي؟ هن وقت تحريڪ انصاف جي گڏجاڻين ۾ اهو موضوع سڀ کان وڌيڪ اهم آهي ته ڪهڙو نقصان قابل تلافي ۽ ڪهڙو نقصان ناقابل تلافي آهي؟ پنهنجي اسيري جا 80 ڏينهن مڪمل ڪري موٽي آيل خان محمد جي آزاديءَ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي پاران اهي اطلاع مخصوص انداز سان ڦهلايا پيا وڃن ته تحريڪ انصاف جا اهي ڪيترائي اڳواڻ وري واپس ٿيڻ جي واٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي مٿان آيل پريشانيءَ وارو پريشر برداشت ڪري نه سگهيا ۽ انهن پريس ڪانفرنس ڪري ڪپتان ۽ هن جي سياسي ميدان کان پري رهڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي چيو پيو وڃي ته زمان پارڪ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن دوران ان ايجنڊا تي گهڻو مباحثو ٿي رهيو آهي ته “ڪنهن ڪنهن کي معاف ڪري سگهجي ٿو؟”
ڪپتان جا سياسي ستارا ته هاڻي گهڻي وقت واري گردش ۾ ويل ٿا ڏسجن پر هن جي پارٽيءَ جو پوءِ به هڪ ڪردار مڪمل طور تي ريٽي نه ٿو سگهجي. ڇو ته جڏهن به سوشل ميڊيا جو ڪو سرڦريو يوٽيوبر پنهنجي نالي واري چينل جي مائيڪ کڻي جنهن جنهن حلقي ۾ “ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟” وارو سوال ورجائي ٿو ته هن کي گهڻا جواب اڄ به ان شخص جي حق ۾ ملن ٿا، جنهن جو نالو کڻڻ جي کليل آزادي مٿان به پابنديءَ جا پاڇا آهن. ملڪ جي مستقبل جي باري ۾ اهم فيصلا ڪرڻ واري قوت عوام جي ايتري وڏي انگ کي سندس سياسي حق مان محروم ڪرڻ افورڊ نه ٿي ڪري سگهي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف کي هڪ محدود سرگرميءَ جي مشروط آزادي ملندي محسوس ٿي رهي آهي ۽ ان اشو تي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي بيٺل اقتداري مسافر ڪافي حد تائين پريشان به آهن.
ڏهن ڏينهن جي مهمان حڪومت مان ڪنهن ڪيترو ڪمايو؟ واري سوال کان وڌيڪ هن وقت اهم موضوع اهو آهي ته ڇا پي ڊي ايم کي سڌي طرح سان اقتدار ۾ اچڻ جي پڪ ڏني وئي آهي؟ سياست ۾ ڪا به ڳالهه پوئين ۽ پڪي ته نه هوندي آهي پر پوءِ به حالتون جهڙي ريت اڳتي وڌنديون وينديون آهن، انهن مان سياسي ذهن آسانيءَ سان اندازو لڳائي ويندا آهن ته هاڻي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو موڊ ڪهڙو آهي؟
پاڪستان جا باخبر حلقا هن وقت ٻيو ته نه پر اهو اطلاع پوري اعتماد سان پيش ڪري رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ لاءِ هن مهل سڀ کان اهم ملڪ جي اقتصاديات آهي. ڇو ته پاڪستان جهڙي ريت معاشي مصيبتن جو شڪار آهي، انهن حالتن ۾ هڪ رياست طور هن کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف اچي رهي آهي. آءِ ايم ايف جا شرط انهن حڪمرانن کي شرمسار ڪري رهيا آهن، جن جي نڪن جي مضبوطي پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. پر انهن کان وڌيڪ اهم سوال پوءِ به هڪ ملڪ لاءِ آهي. هڪ مجبور ملڪ جي حالت سمجهڻ ايتري مشڪل ته ناهي. پاڪستان جي معاشي مجبوري جي هوندي ملڪ جو ڪو به ادارو پنهنجي مغروريءَ جو مظاهرو ڪري نه ٿو سگهي. اهوئي سبب آهي ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ جو پورو فوڪس ان پوائنٽ تي آهي ته پاڪستان کي ڪهڙي ريت اقتصادي بحران مان ڪڍي کيس معاشي استحڪام جي واٽ تي آندو وڃي.
پاڪستان ۾ چين جي تازي چرپر کي تمام اهميت سان ڏٺو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته چين پاڪستان جي ڀرپور مدد لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ملهائڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. جڏهن ته ان ڏس ۾ عرب رياستون به پنهنجي پراڻي رفيق لاءِ اقتصادي استحڪام جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ اصولي طور تي تيار ٿيون آهن. ان ماحول ۾ اهو سوال تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته ڏهن ڏينهن اندر اقتدار ۾ ايندڙ نگران حڪومت جي سڀ کان اهم ترجيح ڪهڙي هوندي؟
آئين جي مطابق نگران حڪومت جو ڪم صرف ۽ صرف شفاف چونڊون ڪرائڻ وارو آهي پر موجوده حالتن ۾ جنهن قسم جا اطلاع منظرعام تي اچي رهيا آهن، انهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته نگرانن کي ملڪ جي معاشي نگراني ڪرڻ جو فرض سونپڻ جي سوچيو پيو وڃي. جيڪڏهن ان قسم جي ڪا ايجنڊ زيرِ غور آهي ته پوءِ نگرانن جي ٽن مهينن وارو مدو ڪنهن به طرح سان ملڪ جي مضبوط معاشي بنياد فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ناڪافي آهي. هن وقت عوام جي ذهن سازيءَ لاءِ اهي امڪان به شيئر ڪيا پيا وڃن ته ممڪن آهي ته چونڊون هن سال نه پر ايندڙ سال ۾ منعقد ڪيون وڃن. جڏهن ته پاڪستان جي سياسي تاريخ اهڙن واقعن سان سٿيل آهي ته هتي واعدن وارا مهينا سالن ۾ تبديل ٿيندا آهن ۽ عوام مستقل انتظار واري ڪيفيت جي ور چڙهي ويندو آهي. پاڪستان ۾ نگران حڪومت جو مدو ڪيترو هوندو؟ آئين ۾ واضح حد مقرر هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن ان سوال کي ملڪي ميڊيا ۾ موضوع بڻائڻ جي موڪل ملي رهي آهي ته ان جو مطلب ڪجهه ماوراءِ قانون به آهي.
اليڪشن يا مضبوط اقتصاديات؟ واري سوال جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو وٺجي به رهيو آهي ۽ ورتو به ويندو پر هن وقت ملڪي حالتن جي پيش نظر ان خيال کي ڪجهه وڌيڪ ترقي وٺرائي پئي وڃي ته ملڪ جن معاشي مصيبتن ۾ آيل آهي، ان ماحول ۾ اسان کي پرڪشش نعرا ۽ سياسي هيجان وڌائيندڙ نغما نه پر اقتصادي آساني ۽ مضبوط معاشيات جي ضرورت آهي. هاڻي اها سوچ سختيءَ سان نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ملڪ جو هيرو اهو ناهي، جنهن کي عوام جي حمايت حاصل هجي. ملڪ جو اصل هيرو اهو آهي، جيڪو ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي سگهڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهي. پاڪستان ۾ سياسي سرگرميءَ کان وڌيڪ معاشي سرگرميءَ کي اهم قرار ڏيندڙ ادارن ۽ ڪردارن جي اهڙي سوچ سبب جيڪڏهن ملڪ جو سياسي منظر منجهيل نظر اچي ته ان تي حيران ٿيڻ جو حق ڪنهن کي حاصل ڇو هجي؟