| ڏهون اياز ميلو سجي ويو، اڄ افتتاح، 26 مختلف ويهڪون ٿينديون |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ۾ مشهور شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ ڪرايل اياز ميلو سجي ويو. اياز ميلي جو افتتاح اڄ ٿيندو. ميلي جو افتتاح صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار شاهه ڪندو. ڪليدي خطبو مهمان خاص اصغر نديم سيد پڙهندو. ميئر ڪاشف شورو. ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي. احمد شاهه. مشهور صحافي منيزي جهانگير. عاصمه شيرازي. شازيب جيلاني. ورده شهزادي. مهتاب اڪبر راشدي. نور الهديٰ شاهه. اويس توحيد. وسعت الله خان سميت پوري پاڪستان مان دانشور. نوجوان. شيخ اياز جا عاشق شرڪت ڪندا. ميلي ۾ 26 کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي ويهڪون ٿينديون. ڪتابن جي مهورت ۽ مشاعرو پڻ ٿيندو. ان سلسلي اياز ميلو جي ڪميٽي جي اڳواڻ امر سنڌو. حسين مسرت. ريحانه نذير. زڪيه اعجاز. امداد چانڊيو. مجيد چانڊيو. اديب تاج جويو ۽ نسيم جلباڻي خانه بدوش ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هي هاڻ اياز شناسي سان گڏ هڪ سماجي تحريڪ جو ميلو بڻجي چڪو آهي. اسان 10هين اياز ميلو شيخ اياز کي نوجوانن سان ملهايو آهي. پهريون دفعو بين الساني مشاعري ۽ راڳ جي محفل ۾ نوجوان نوان شاعر ۽ گلوڪار شرڪت ڪري رهيا آهن. 36 سيشن ۾ 100 کان وڌيڪ اسپيڪر هوندا. هنن چيو ته ڪوريج ۽ فوٽيج لاءِ اهي صحافي ڪور ڪندا جن وٽ پاسز هونديون. ڪوريج ۽ رڪارڊنگ لاءِ مخصوص جڳهه مختص ڪئي وئي آهي. ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي پنڊال مان ٻاهر ڪڍي مستقبل ۾ ڪوريج کان روڪيو ويندو. جڏهن ته ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ سان گڏ کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.