| ڏوهارين جي سرپرستي: ڪراچي پوليس جو انسپيڪٽر ۽ ايس آءِ برطرف، 4 اهلڪارن جي سروس ڪاٽا |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، منظم ڏوهن جي سرپرستي، منشيات فروشي ۽ ٻين الزامن هيٺ آيل هڪ انسپيڪٽر، 2 سب انسپيڪٽرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ۽ هڪ سب انسپيڪٽر، 2 هيڊ ڪانسٽيبلن ۽ 2 ڪانسٽيبلن کي 2 سال سروس ڪٽوتيءَ جي سزا ڏني . تفصيل موجب اڳوڻي آءِ جي غلام نبي ميمڻ پاران منظم ڏوهن جي سرپرستيءَ جي الزام هيٺ سڀني آفيسرن کي بي ڪمپني موڪلي انڪوائري جو حڪم ڏنو هو، اُها انڪوائري ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي موڪلي وئي، انڪوائري دوران الزام ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ايس ايڇ او اتحاد ٽائون انسپيڪٽر چوڌري جاويد احمد، سب انسپيڪٽر مختيار احمد پنهور، سب انسپيڪٽر راجا خالد محمود، سب انسپيڪٽر غلام شبير بُلو، هيڊ ڪانسٽيبل فخر اقبال، هيڊ ڪانسٽيبل رضوان امجد، هيڊ ڪانسٽيبل شعيب خان ۽ ڪانسٽيبل محمد سرور ۽ محمد فاروق کي سزائون ڏنيون ويون. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سب انسپيڪٽر مختيار پنهور اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۾ انچارج موچڪو چيڪ پوسٽ تي مقرر ٿيل هو، اُن دوران هو هيڊ ڪانسٽيبل فخر اقبال، هيڊ ڪانسٽيبل شعيب خان، پي سي سرور ۽ سب انسپيڪٽر غلام شبير بُلو سان گڏجي غيرقانوني اسمگلنگ ۾ ملوث هو، جيڪي شهر جي مختلف روٽس تان ڪراچي ۾ پهچنديون هيون. نوڪرين تان برطرف ٿيل سب انسپيڪٽر راجا خالد اڳوڻي ايس ايڇ او اتحاد ٽائون سان گڏجي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشي ۽ ٻين غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث هو. معاملي جي جاچ ڊي آءِ جي ٽريننگ برانچ کي ڏني وئي هئي، انڪوائري دوران سمورا آفيسر منشيات فروشي، سپارين جي غيرقانوني اسمگلنگ ۽ ٻين غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث ثابت ٿيا ۽ سندن ڏوهارين سان رابطا به ثابت ٿيا جنهن کانپوءِ انهن کي ميجر پئنلٽي طور نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب انسپيڪٽر چوڌري جاويد سب انسپيڪٽر راجا خالد ۽ سب انسپيڪٽر مختيار احمد پنهور کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو، سب انسپيڪٽر سرور بُلو کي 2 سال سروس جي ڪٽوتيءَ جي سزا ڏيندي کيس ڪورٽ پوليس ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو. هيڊ ڪانسٽيبل شعيب خان کي 2 سال سروس ڪٽوتيءَ جي سزا ڏيندي کيس سيڪيورٽي ون ۾ مقرر ڪيو ويو، هيڊ ڪانسٽيبل رضوان امجد کي 2 سال سروس ڪٽوتي جي سزا ڏيندي سيڪيورٽي ون ۾ مقرر ڪيو ويو، پوليس ڪانسٽيبل محمد فاروق کي 2 سال سروس ڪٽوتيءَ جي سزا ڏيندي کيس ڪورٽ پوليس ۾ مقرر ڪيو ويو، پوليس ڪانسٽيبل محمد سرور کي 2 سال سروس ڪٽوتيءَ جي سزا ڏيندي کيس ڪورٽ پوليس مقرر ڪيو ويو. سب انسپيڪٽر راجا خالد محمود ڪياماڙي واري علائقي ۾ منظم منشيات فروشيءَ ۾ ملوث رهيو آهي، اسپيشل برانچ جي رپورٽ کانپوءِ کيس ڪياماڙيءَ مان بي ڪمپني موڪليو ويو هو. اڳوڻي آءِ جي غلام نبي ميمڻ شڪايتون ملڻ تي کيس بي ڪمپني موڪليو، جيڪا انڪوائري هاڻي مڪمل ٿي آهي ۽ کيس نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي.