نئين آءِ جي پوليس طرفان ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت طرفان گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف وڏو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو وزير چيو ته، جيڪي ڌاڙيل پاڻ کي چيمپيئن سمجهن ٿا، انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته آپريشن ۾ في الحال فوج جي ضرورت ناهي، سنڌ پوليس سان گڏ رينجرز به آپريشن ۾ حصو وٺندي. آپريشن ۾ پنجاب پوليس جي به ضرورت پوندي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سنڌ ۾ هاڻي ڪٿي به حفاظتي ڪانوائي نه هلندا آهن. ڌاڙيلن کي عدالت جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو، پر مفرور يا پاڻ کي وڏو طاقتور سمجهندڙ مجرمن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ ۾ قبيلائي دهشتگرديءَ جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته، سردارن سان ڳالهايو آهي. جلد جتوئين ۽ مهرن جو ٺاهه ٿيندو.
هن وقت سڄي سنڌ ڄڻ ته ڪا ‘ڪيٽي’ بڻيل هجي، پر خاص طور تي سنڌ جا اڌ ڊزن کان مٿي اتريان ضلعا رياستي قانون لاءِ ‘نو گو ايريا’ بڻيل آهن. ڪمانڊوز جي گهري ۾ هلندڙ ۽ بُلٽ پروف شيشن پٺيان بيهي سنڌ ۾ امن امان جا ڀاشڻ ڏيندڙ منتظمين لاءِ ته سنڌ واقعي به امن جو هندورو آهي، پر عام ماڻهن لاءِ ڏوهارين، ‘اشرافيا’ ۽ پوليس جي ٽڪنڊي هن ڀونءِ کي جهنم بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. سنڌ ۾ حڪومت ڪنهن جي به هجي، هر حڪومت ۾ ته ڀوتارن جو ئي سِڪو هلندو آهي، انهن جي “ڀوتارڪيءَ” جو سج ڪڏهن به نه لهندو آهي، ڇو ته اهي “اليڪٽيبلز” به ٿي سگهن ٿا يا وري اقتدار جي مسند تي پهچائيندڙ ڏاڪڻ جو ڪو مضبوط ڏاڪو به، جن جو قانون ڀرجهلو بڻيل هوندو آهي ۽ انهن کي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندو آهي، ڇو ته اهي ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ هوندا آهن، ڏوهه ئي انهن جي معيشت آهي ۽ بس ڀوتارن جي سر جو خير هجي ته ڌاڙيلن ۽ امن دشمن ماڻهن لاءِ به خير ئي خير هوندو آهي. باقي رهيا منتظمين – اهي ته رڳو “ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”. در اصل سنڌ ۾ سردار اڃان به انگريز دور ۾ جيئندي محسوس ڪن ٿا، جڏهن انگريز بهادر طرفان سردارن کي پنج هزاري ۽ ڏهه هزاري منصب عطا ڪيل هوندا هئا، يا مئجسٽريٽ جا اختيار حاصل هوندا هئا. هاڻي دور تبديل ٿي ويو آهي، انگريز به مُني صدي اڳ وڃي چڪا آهن پر حد ته اها آهي جو رياست به مُني صدي گذرڻ باوجود اهو احساس ڏيارڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته، هي انگريزن جو دور ناهي! اهو احساس ڏيارڻ ته پري رهيو، ويتر رياست ان سسٽم کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهي آهي. اسان اڳ به اهو چوندا رهيا آهيون ته ڏوهاري ڪنهن جي به ايجنڊا جي تڪميل لاءِ مڙهيا ويا هجن، انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي. اقتدار جي قيمت تي سنڌ جا حق تين وال ڪرڻ محب وطني ناهي. حڪمرانن کي عوام جو لاچار ڇو نه آهي؟ جهڙي نموني هن ڀيري ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙا اعلان هن کان اڳ به ٿيندا رهيا آهن، پر نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ پوليس ۾ موجود ڪاريون ڏوهارين جي نه صرف سهولتڪاري ڪن ٿيون، پر انهن لاءِ مخبريءَ وارو ڪم به ڪنديون آهن.
صرف ڌاڙيل ئي نه، ذات برادريءَ جي خوني تڪرارن به سنڌ جي قومي وحدت کي هاڃو رسايو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ته سنڌ ۾ جهيڙيندڙ برادرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي. جهيڙيندڙ ڌرين جا سردار ڏوهارين کي رياستي قانون جي حوالي ڪن. سنڌ ۾ هٿيارن جي غيرقانوني وڪري ۽ پهچ کي روڪيو وڃي. جرڳن ٿي پابنديءَ واري عدالتي فيصلي تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ڌاڙيلن سان رعايت جا اعلان خود رياست جي ڪوتاهيءَ ۽ ڪمزوريءَ جو ثبوت آهن. آپريشن مربوط هجڻ گهرجي، جيڪو هڪ ئي وقت ڪچي ۽ ‘اشرافيا’ جو چوغو پاتل ‘پڪي جي ڏوهارين’ خلاف هڪ ئي وقت آپريشن ڪيو وڃي.