| ڏوهن ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ: ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائين جو حڪم |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ منشيات فروشن خلاف آپريشن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه هتي ٿيل اجلاس ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انٽيليجنس تي ٻڌل پوليسنگ، ادارن وچ ۾ بهتر رابطي، ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشنز ۽ سرحدي سيڪيورٽي جي قدمن کي بهتر ڪرڻ سبب 2026 جي پهرين ڇهه ماهي دوران وڏن ڏوهن، دهشتگردي سان لاڳاپيل واقعن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. آءِ جي جاويد اوڍو آگاهه ڪيو ته 2025 جي ڀيٽ ۾ جنوري کان جون 2026 دوران قتلن ۾ 17.3، قتل سان گڏ ڦر ۾ 19.4 ، زخمين سان گڏ ڦر ۾ 25.4 ، ڌاڙن ۽ ڦرن ۾18.9، ڪار ڦر ۾23.9 ، موٽرسائيڪل ڦر ۾ 31.1 ۽ موٽرسائيڪل چوري ۾ 22.1 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن ٻڌايو ته اڪثر ڏوهن ۾ گهٽتائي جو لاڙو نظر آيو پر موبائل فون ڦرڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ٻڌايو ته گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 11.77 ڦر دوران قتل ۾ 38.3 ، زخمين ۾ 39.1 ، گاڏين جي ڦر ۾ 24.3 ۽ موٽرسائيڪل جي ڦر ۾ 27.8 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته رجسٽرڊ ٿيل ڀتي جي ڪيسن ۾ 81 سيڪڙو جي سڃاڻپ جي شرح رپورٽ ڪئي وئي، ڪيترن ئي بدنام گينگس کي ختم ڪيو ويو، ٻاهرين ملڪن مان ڪم ڪندڙ مفرور جوابدارن خلاف چار ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ويا،آءِ جي پوليس جاويد اوڍو وزيراعليٰ کي ٻڌايو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ 2026 دوران دهشتگردي سان لاڳاپيل واقعن ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سي ٽي ڊي 777 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز ڪيا ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ ويڙهاڪ گروپن ۽ فرقيواراڻي تنظيمن سميت مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن سان لاڳاپيل 355 دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو. آءِ جي پوليس چيو ته آپريشنز دوران وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو، هٿ سان ٺهيل بم (آءِ اي ڊيز)، ڊيٽونيٽر، هٿ بم ۽ ٻيو مواد هٿ ڪيو ويو.گهرو وزير ٻڌايو ته دريائي ڪچي ۾ ”آپريشن نجاتِ مهران“ شاندار نتيجا ڏنا آهن. پوليس 141 مقابلا ڪري 275 ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي ماريو، 50 مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو، مجموعي طور 550 ڌاڙيل يا ته گرفتار ڪيا ويا آهن يا انهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن، وڏي وزير سيد مراد شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي حتياطي پوليسنگ کي وڌيڪ مضبوط ڪن. شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي، ڏوهارين، دهشتگردن، منشيات فروشن ۽ ڀتا خورن خلاف ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪبي، هن چيو ته انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ،جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نگراني کي بهتر بڻائين، بين الصوبائي سرحدن تي مانيٽرنگ کي مضبوط ڪن ۽ موبائل فون ڦرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي هاٽ اسپاٽس خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪن. وڏي وزير منظم ڏوهاري گينگس، منشيات فروشن ۽ دهشتگردي جي سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي جو پڻ حڪم ڏنو، هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته چيني شهرين، پرڏيهي مشنز، حساس تنصيبات ۽ مذهبي گڏجاڻين لاءِ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، سڄي سنڌ ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.