ڏوهه جانور جو سزا انسانن کي؟ ٻلي مالڪياڻي تي 3  لک 93  هزار ڏنڊ

ڏوهه جانور جو سزا انسانن کي؟ ٻلي مالڪياڻي تي 3  لک 93  هزار ڏنڊ

پيرس (انٽريسٽنگ نيوز) فرانس جي ڏاکڻي حصي جي شهر ايگڊي ۾ هڪ عورت تي سندس ٻلي جي پاڙيسري جي باغ ۾ بار بار وڃڻ سبب ڏنڊ لڳايو ويو، ٻلي جو نالو ريمي ۽ جي مالڪياڻي عورت جو نالو ڊومينيڪ ٻڌايو ويو آهي. اطلاع موجب، پاڙي واري شخص شڪايت ڪئي ته ٻلي بار بار ان جي باغ ۾ وڃي گندگي ڪري ٿي ۽ آلي پلستر تي پيرن جا نشان ڇڏيندي آهي. عدالت ان عورت تي تقريبن  1250 يورو جو ڏنڊ لڳايو، جيڪو آمريڪي ڊالر ن ۾ تقريبن 1400 ڊالرن برابر آهي  پاڪستاني روپين ۾ تقريبن اها رقم 3 لک 93 هزار رپيا ٿئي ٿي. جڏهن ته  ان کان علاوه، عدالت اهو فيصلو  ڏنو ته جيڪڏهن ٻلي ٻيهر پاڙي واري باغ ۾ وئي  ته مالڪياڻي کي هر واقعي لاءِ 30 يورو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو. هي هڪ غير معمولي ڪيس آهي ڇاڪاڻ ته عام طور تي پالتو جانورن جي آزاد گهمڻ پوڻ تي اهڙا ڏنڊ لڳائڻ جا مثال گهٽ آهن. پالتو جانورن، خاص ڪري ٻلين جو فرانس جي ڳوٺن ۽ شهري علائقن ۾ آزاد گهمڻ عام آهي،  ان تي قانوني قدمن جو تسلسل هڪ نئون رجحان آهي.