| ڏوڪريءَ ۾ ڦرلٽ جون 5 وارداتون، شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻي جو چتاءُ |
ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري شهر مان هڪ رات ۾ ڦر جون 5 الڳ الڳ وارداتون، نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي پنهنجي اخبار جي رپورٽر راجا صدام ٻگهيو جي ڀاءُ ۽ ٻن عورتن سميت پنجن هنڌن تان الڳ الڳ ڦر جون وارداتون ڪري 6 موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر واقعن جون ڏوڪري ٿاڻي تي الڳ الڳ رپورٽون داخل ڪرايون ويون آهن، موبائل جي دڪاندار ضمير ٻگھيو، ذيشان ميمڻ، رستي ويندڙ ٻن عورتن کان درگاھ غلام نبي شاھ وٽان 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڌڪ هڻي شديد زخمي ڪري ڦر ڪري فرار ٿي ويا.جڏهن ته سي سي ٽي وي فٽيج هٿ اچڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي. متاثرن مطالبو ڪيو ته آهي ته ڦر ٿيل سامان 24 ڪلاڪن ۾ واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.