ڏوڪري: سرڪاري هٿيار ڦر جا 2 جوابدار عدالت پيش، جيل حوالي

جُولاءِ 10, 2023

ڏوڪري (ن پ ا) هفتو اڳ ڏيرا ڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي گرفتار ڪيل زين عرف اعتبار ڏيرو ۽ آصف ڏيرو کي پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو

 جتي عدالت جوابدارن کي 14 ڏينهن جو رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن وٽان پوليس اهلڪار محمد حسن عرف نديم ميمڻ کان ڦر ٿيل سرڪاري هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته 4 ڏينهن اڳ رمانڊ لاءِ زين عرف اعتبار ڏيرو ۽ آصف ڏيرو کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو

ڪالهه ٻيهر پوليس کين عدالت آندو.

Leave A Comment