ڏوڪري ويجهو نوجوان جو سوئمنگ پول مان لاش هٿ
جُولاءِ 16, 2023
باڊهه (رپورٽر) ڏوڪري باءِ پاس تي قائم سوئمنگ پول مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آھي جنهن جي سڃاڻپ سوئمنگ پول مالڪ ڏوڪري واسي واحد بخش سومرو طور ٿي آھي
ڏوڪري پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان ڏوڪري باءِ پاس تي سندس شادي هال ڀرسان سوئمنگ پول تي رهندو هو ۽ ٽيوب ويل جي مشين هلائڻ سان گڏ پول جو سمورو انتظام سنڀاليندو هو
نوجوان جو مڙهه ڏوڪري اسپتال منقتل ڪيو آھي ، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ نوجوان جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو
هوڏانهن فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آھي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، فوتي نوجوان چئمبر آف ڪامرس ڏوڪري جي اڳوڻي صدر شوڪت سومري جو ننڍو ڀاءَ آھي